Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي تحت زلزلي متاثرن جي امداد جي لاءِ ڪراچي ۾ 40 کان وڌيڪ هنڌن تي امدادي ڪيمپ قائم ڪيا ويا.


ايم ڪيو ايم جي تحت زلزلي متاثرن جي امداد جي لاءِ ڪراچي ۾ 40 کان وڌيڪ هنڌن تي امدادي ڪيمپ قائم ڪيا ويا.
 Posted on: 10/27/2015
ايم ڪيو ايم جي تحت زلزلي متاثرن جي امداد جي لاءِ ڪراچي ۾ 40 کان وڌيڪ هنڌن تي امدادي ڪيمپ قائم ڪيا ويا.
ايم ڪيو ايم ڏکايل انسانيت جي خدمت کي عبادت سمجهي ٿي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
امدادي ڪيمپن تي ٽيليفونڪ خطاب.
لنڊن: 27 آڪٽوبر 2015 
                  متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي هدايت تي زلزلي متاثره خاندانن جي امداد جي لاءِ  سڄي ملڪ ۾ ڪي ڪي ايف جي تحت امدادي ڪيمپ قائم ڪيا ويا آهن. جتي عوام جي طرفان امدادي شيون جمع ڪرايون پيون وڃن. ايم ڪيو ايم ۽ ڪي ڪي ايف جي تحت ڪراچي ۾ 40 کان وڌيڪ هنڌن تي اهي امدادي ڪيمپ قائم ڪيا ويا آهن. ان کان علاوه حيدرآباد، ٽنڊو الهيار، ڄامشورو، ميرپورخاص، سکر، نواب شاھ، سانگهڙ ۽ اندرون سنڌ جي ٻين شهرن کان علاوه پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ به امدادي ڪيمپ قائم ڪيا ويا آهن. ان کان علاوه جناب الطاف حسين ڪراچي جي ڪيمپن تي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي زلزلي متاثرن جي لاءِ امدادي سرگرمين جون تفصيلات به معلوم ڪيون. پنهنجي خطاب ۾ انهن فرمايو ته خلق خدا جي خدمت ڪرڻ سڀني کان وڏي عبادت آهي ۽ ايم ڪيو ايم ڏکايل انسانيت جي خدمت کي عبادت سمجهي ڪري ڪندي رهندي. انهن ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي چيو ته اوهان اهو نه ڏسو ته ڪير اوهان جي لاءِ ڇا ڪري رهيو آهي بلڪه اوهان اهو ڏسو ته اوهان مصيبت، آزمائش ۽ ڏکئي وقت ۾ ڪنهن جي ڪهڙي طريقي سان مدد ڪري سگهو ٿا. انهن فرمايو ته 2005 جي قيامت خيز زلزلي ۾ به ايم ڪيو ايم زلزلي متاثرن جي سڀني کان وڌيڪ  مدد ڪئي هئي. جنهن جو گواھ الله تعالٰي ۽ پاڪستان جو عوام آهي. پر ان جي باوجود ڪجھھ منافق ايم ڪيو ايم جي عوامي خدمت کان انڪار ڪن ٿا. مخالفت جي باوجود اسان جو ڪم انسانيت جي خدمت ڪرڻ آهي. انسانيت جي خدمت ڪرڻ ئي سڀني کان وڏي عبادت آهي ۽ اهو ئي ايم ڪيو ايم جو پهرين ڏينهن کان منشور آهي ۽ هميشه رهندو. جناب الطاف حسين سڄي ملڪ جي حق پرست عوام خصوصن مخير حضرات کي اپيل ڪئي ته اهي ڪي ڪي ايف جي امدادي ڪيمپن ۾ زلزلي متاثرن جي لاءِ پنهنجي طاقت جي مطابق امدادي سامان جمع ڪرائين. متاثرن جي لاءِ کاڌي پيتي جون شيون، چانهن جي پتي، کنڊ، سڪل کير، پاڻي جون بوتلون، چانور، گرم ڪپڙا، ڪمبل ۽ ٻيون روز مره جون شيون عطيو ڪن ته جيئن زلزلي متاثرن جي ڀرپور مدد ڪري سگهجي. جناب الطاف حسين خطرناڪ زلزلي ۾ هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جي سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار به ڪيو ۽ زخمين جي جلد و مڪمل  صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي.
*****

6/29/2024 9:00:35 AM