Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جا لکين ڪارڪن ملڪ جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ عوام جي خدمت ڪري رهيا آهن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


ايم ڪيو ايم جا لکين ڪارڪن ملڪ جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ عوام جي خدمت ڪري رهيا آهن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 10/25/2015
ايم ڪيو ايم جا لکين ڪارڪن ملڪ جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ عوام جي خدمت ڪري رهيا آهن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
سکر مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ آفيسن جي افتتاح جي موقعي تي خطاب.
سکر: 25 آڪٽوبر 2015 
                  متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن شبير احمد قائم خاني ۽ اسلم آفريدي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي قيام جو مقصد ئي ملڪ ۾ رائج فرسوده جاگيرداراڻه نظام جي تبديلي آهي. جنهن جي جدوجهد جي نتيجي ۾ ئي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ڀاءُ اڄ به جلاوطني جي زندگي گذاري رهيا آهن ۽ تمام تر تڪليفون برداشت ڪري رهيا آهن. انهن خيالن جو اظهار انهن سکر ۾ مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ آفيسن جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ تنظيمي ڪميٽي جو انچارج عمر قريشي، سکر زونل انچارج شهزاد گلفام ۽ ٻيا به موجود هئا. انهن چيو ته جناب الطاف حسين جو فڪر و فلسفو ملڪ جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ ڦيلجي رهيو آهي ۽ ماڻهو وڏي تعداد ۾ ايم ڪيو ايم جي جهنڊي هيٺان گڏ ٿي رهيا آهن ۽ اهو وقت پري نه آهي جڏهن غريب ۽ مظلوم عوام قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي قيادت ۾ پنهنجي مشن و مقصد ۾ ڪامياب ٿيندا ۽ ملڪ ۾ انقلاب برپا ڪندا. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم ملڪ جي واحد جماعت آهي جنهن ۾ هڪ منظم طريقه ڪار موجود آهي ملڪ جي ڪنهن به سياسي ۽ مذهبي جماعت ۾ اهو طريقه ڪار موجود نه آهي. انهن چيو ته عوام هميشه جناب الطاف حسين جي آواز تي لبيڪ چيو آهي.انهن چيو ته ايم ڪيو ايم هميشه کان سياست برائي خدمت تي يقين رکي ٿي. ان موقعي تي ٻين به خطاب ڪيو. 
*****

6/29/2024 9:45:38 AM