Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

زلزلي متاثرن جي لاءِ هنگامي بنيادن تي امدادي ڪيمپ قائم ڪيا وڃن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي هدايت.


زلزلي متاثرن جي لاءِ هنگامي بنيادن تي امدادي ڪيمپ قائم ڪيا وڃن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي هدايت.
 Posted on: 10/26/2015
زلزلي متاثرن جي لاءِ هنگامي بنيادن تي امدادي ڪيمپ قائم ڪيا وڃن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي هدايت.
عوام خصوصن مخير حضرات زلزلي متاثره خاندانن جي امداد جي لاءِ پنهنجي طاقت جي مطابق عطيات ڏين. جناب الطاف حسين جي اپيل.
لنڊن: 26 آڪٽوبر 2015 
                متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي کي هدايت فرمائي آهي ته زلزلي متاثرن جي لاءِ هنگامي بنيادن تي امدادي ڪيمپ قائم ڪيا وڃن. اها هدايت انهن رابطا ڪميٽي سان ڳالھھ ٻولھھ ڪندي فرمائي. جناب الطاف حسين فرمايو ته زلزلي سان وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي ۽ ماڻهو امداد جا منتظر آهن. انهن فرمايو ته زلزلي متاثرن جي مدد ڪرڻ اسان جو قومي فرض آهي ان جي ڪري ايم ڪيو ايم جا سمورا ذميوار، ڪارڪن ۽ ڪي ڪي ايف جا رضاڪار  زلزلي متاثره ڀائرن جي لاءِ هنگامي بنيادن تي امدادي ڪيمپ قائم ڪن. کاڌي پيتي جون شيون، گرم ڪپڙا ۽ ٻيون شيون گڏ ڪري لاڳاپيل حڪومتي ادارن جي حوالي ڪن ته جيئن زلزلي متاثرن جي ڀرپور مدد ڪري سگهجي. جناب الطاف حسين لاڳاپيل حڪومتي ادارن کي پيشڪش ڪئي ته آزمائش جي ان گهڙي ۾ ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن زلزلي متاثرن جي مدد جي لاءِ حاضر آهن. ان کان علاوه جناب الطاف حسين سڄي ملڪ جي عوام خصوصن مخير حضرات کي اپيل ڪئي ته اهي زلزلي متاثرن جي مدد جي لاءِ پنهنجي طاقت جي مطابق دل کولي ڪري عطيات ڏين ۽ کاڌي پيتي جون شيون، گرم ڪپڙا، ڪمبل، دوائون ۽ ٻيون شيون ڪي ڪي ايف جي امدادي ڪيمپن ۾ جمع ڪرائين. 
*****

6/29/2024 9:49:10 AM