Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي لنڊن ۽ پاڪستان جو هنگامي اجلاس، ملڪ ۾ ايندڙ زلزلي کان پوءِ پيش ايندڙ صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٽ.


ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي لنڊن ۽ پاڪستان جو هنگامي اجلاس، ملڪ ۾ ايندڙ زلزلي کان پوءِ پيش ايندڙ صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٽ.
 Posted on: 10/26/2015
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي لنڊن ۽ پاڪستان جو هنگامي اجلاس، ملڪ ۾ ايندڙ زلزلي کان پوءِ پيش ايندڙ صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٽ.
اجلاس ۾ ڪي ڪي ايف ۽ لاڳاپيل زونن کي فوري طور تي زلزلي متاثرن جي لاءِ امدادي ڪاروائيون شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.
ڪراچي: 26 آڪٽوبر 2015 
                  متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن جو هڪ هنگامي اجلاس خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ عزيز آباد ۾ ٿيو. جنهن ۾ لنڊن رابطا ڪميٽي جي ميمبرن ٽيليفون جي ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪ ۾ ايندڙ زلزلي کان پوءِ پيش ايندڙ صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي هدايت تي ڪي ڪي ايف ۽ لاڳاپيل زونن کي فوري طور تي زلزلي متاثرن جي لاءِ امدادي ڪاروائيون شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. اجلاس ۾ زلزلي ۾ هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جي بخشش ۽ زخمي ٿيندڙن جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي وئي. اجلاس ۾ چيو ويو ته خدمت خلق ايم ڪيو ايم جو نصب العين آهي ۽ ماضي ۾ به ايندڙ زلزلن ۽ قدرتي آفتن ۾ ايم ڪيو ايم ۽ ڪي ڪي اف جي امدادي سرگرمين کي اڄ تائين ساراهيو وڃي ٿو. ان جي ڪري ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن ۽ ڪي ڪي ايف جا رضاڪار ڪراچي آپريشن ۾ ٿيندڙ ظلمن ۽ زيادتين جي باوجود پنهنجن هم وطنن جي مدد جي لاءِ نڪرن ۽ امدادي سرگرمين ۾ وڌي چڙهي ڪري حصو وٺن. اجلاس ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان مطالبو ڪيو ويو ته ماڻهن جون جانيون بچائڻ جي لاءِ فوري طور تي نيشنل ڊيزاسٽر مينيجمنيٽ سيل کي فعال ڪيو وڃي. اسپتالن ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن ۾ ايمرجنسي نافذ ڪئي وڃي ۽ زلزلي متاثرن جي هر ممڪن امداد ۽ علاج معالجي جي لاءِ مثبت قدم کنيا وڃن.
*****

6/29/2024 9:45:39 AM