Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جناب الطاف حسين جي طرفان لال قلعه گرائونڊ ۾ نياز جي حليم تيار ڪئي وئي.


جناب الطاف  حسين جي طرفان لال قلعه گرائونڊ ۾ نياز جي حليم تيار ڪئي وئي.
 Posted on: 10/27/2015
جناب الطاف  حسين جي طرفان لال قلعه گرائونڊ ۾ نياز جي حليم تيار ڪئي وئي.
فجر جي نماز کان پوءِ فاتحه خواني ڪئي وئي ۽ ان کان پوءِ نياز جي حليم تقسيم ڪئي وئي.
ايم ڪيو ايم مظلوميت جي علامت آهي ۽ حسينيت تي يقين رکي ٿي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن: 27 آڪٽوبر 2015 
                 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ايم ڪيو ايم مظلوميت جي علامت آهي ۽ حسينيت تي يقين رکي ٿي. اها ڳالھھ انهن لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ محرم شريف جي سلسلي ۾ نياز جي حليم تيار ڪرڻ وارن ذميوارن ۽ ڪارڪنن سان فون تي ڳالھھ ٻولھھ ڪندي فرمائي.نياز جي حليم جي تياري ۾ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي، ذميوارن ۽ ڪارڪنن حصو ورتو. ان موقعي تي درجنين ڪارڪنن سڄي رات محنت ۽ لگن سان حليم جي تياري ۾ حصو ورتو. جڏهن ته جناب الطاف حسين ويڊيو لنڪ جي ذريعي وقفي وقفي سان حليم تيار ڪرڻ وارن ڪارڪنن سان لڳاتار رابطي ۾ رهيا. نياز جي حليم تيار ڪرڻ وارن ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي ٽيليفونڪ  خطاب ڪندي جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم مظلوميت جي علامت آهي ۽ حسينيت تي يقين رکي ٿي.اڄ نائن زيرو تي ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ روايت جي مطابق حليم تيار ڪيو پيو وڃي.الله تعالٰي تحريڪي ساٿين جي ڪاوشن کي پنهنجي بارگاھ ۾ قبول فرمائي. ڪربلا جي شهيدن جي صدقي حق پرست شهيدن جا درجات به بلند فرمائي. ايم ڪيو ايم جي مشڪلاتن کي آسان فرمائي ۽ ايم ڪيو ايم کي خلق خدا جي خدمت ڪرڻ جو موقعو عطا فرمائي. جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم جي 38 ساله جدوجهد ڏکن ۽ سانحن سان ڀريل آهي. انهن سالن جي دوران حق پرست عوام ڳوڙها ئي ڳاڙهيندو رهيو آهي ۽ روئيندي روئيندي انهن جا ڳوڙها به خشڪ ٿي ويا آهن. الله تعالٰي اسان مظلومن تي رحم فرمائي ۽ پوري قوم کي خوشيون عطا ڪري ۽ اسان سڀني کي ايتري زندگي عطا فرمائي جو اسان حق پرستي  جي منزل جو سج پنهنجين اکين سان ڏسي سگهون. جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي سمورن ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي هدايت فرمائي ته اهي سڄي ملڪ ۾ نه صرف زلزلي متاثرن جي ڀرپور مدد ڪن بلڪه گهر گهر رابطو ڪري سمورين قومن ۽ برادرين کي حق پرستي جو پيغام به پهچائين ته جيئن ملڪ کان فرسوده ۽ جاگيرداراڻه نظام جو خاتمو ٿي سگهي ۽ غريب ۽ وچولي طبقي جي قيادت جو انقلاب آڻي سگهجي.  فجر جي نماز کان پوءِ فاتحه خواني ڪئي وئي ۽  نياز جي حليم ورهائي وئي. 
*****

6/29/2024 9:08:33 AM