Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم ۽ ڪي ڪي ايف جي تحت ڪراچي وانگر اندرون سنڌ ۾ به يوم عاشور جي موقعي تي نڪرندڙ جلوسن جي گذرگاهن تي طبي ۽ امدادي ڪيمپن جو انعقاد ڪيو ويو ۽ شربت ۽ پاڻي جون سبيلون به لڳايون ويون.


ايم ڪيو ايم ۽ ڪي ڪي ايف جي تحت ڪراچي وانگر اندرون سنڌ ۾ به يوم عاشور جي موقعي تي نڪرندڙ جلوسن جي گذرگاهن تي طبي ۽ امدادي ڪيمپن جو انعقاد ڪيو ويو ۽ شربت ۽ پاڻي جون سبيلون به لڳايون ويون.
 Posted on: 10/25/2015
ايم ڪيو ايم ۽ ڪي ڪي ايف جي تحت ڪراچي وانگر اندرون سنڌ ۾ به يوم عاشور جي موقعي تي نڪرندڙ جلوسن جي گذرگاهن تي طبي ۽ امدادي ڪيمپن جو انعقاد ڪيو ويو ۽ شربت ۽ پاڻي جون سبيلون به لڳايون ويون.
حيدرآباد: 25 آڪٽوبر 2015 
                 متحده قومي موومينٽ ۽ ان جي فلاحي اداري ڪي ڪي ايف جي زير اهتمام ڪراچي وانگر اندرون سنڌ ۾ به يوم عاشور جي موقعي تي نڪرندڙ جلوسن جي گذرگاهن تي طبي ۽ امدادي ڪيپمن جو انعقاد ڪيو ويو. پاڻي ۽ شربت جون سبيلون لڳايون ويون ۽ لنگر به ورهايو ويو. ان موقعي تي حق پرست اسيمبلي ميمبر به جلوسن سان گڏ هئا. طبي ڪيمپن تي عزادارن حسين کي سهولتون فراهم ڪيون ويون. طبي ۽ امدادي ڪيمپون حيدرآباد ۾ اسٽيشن روڊ ويجهو حبيب بينڪ، ميرپورخاص ۾ سبزي منڊي چوڪ، سکر ۾ گهنٽا گهر چوڪ ۽ سانول چوڪ پنوعاقل، نواب شاھ ۾ ديسينٽ هوٽل چڪرا بازار، غريب آباد ۽ مارڪيٽ روڊ حبيب بينڪ ، سانگهڙ زون ۾ حاجي شاھ روڊ ويجهو علي پيلس ٽنڊو آدم، علي چوڪ شهداد پور، رحمت شاھ چوڪ، کپرو ۾ مرڪزي چوڪ، ٽنڊو الهيار ۾ سخي موج دريا روڊ، ڄامشورو ۾ ميڊيڪل ڪيمپس لياقت روڊ ڪوٽڙي سٽي، عمر ڪوٽ ۾ موتي چوڪ، ٺٽي ۾ رڪشا اسٽينڊ ، گهارو ۾ بلال پيٽرول پمپ، سجاول ۾ مامون لاڊو چوڪ،ميرپور بٽورو ۾ احمد شاھ ڪاپڙ، بدين ۾ امام بارگاھ چوڪ، خيرپور ۾ حسيني امام بارگاھ، نوشهرو فيروز ۾ سنڌي اسڪول مورو سٽي، دادو زون ۾ پي ٽي سي ايل آفيس گهنٽا گهر چوڪ، لاڙڪاڻي ۾ ميهر شاھ بخاري، لاهوري پاڙو رتوڏيرو،  قمبر شهداد ڪوٽ زون ۾ مختيار ڪار آفيس، ڪشمور زون ۾ شاهي بازار ڪنڌڪوٽ ۽ جيڪب آباد زون ۾ پير بخاري شاھ روڊ تي ڪيمپ لڳايا ويا. يوم عاشور جي جلوسن ۾ شريڪ عالمن سڳورن ۽ عزادارن حسين جو ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبرن سيد وسيم حسين، زبير احمد، صابر قائم خاني، راشد خلجي، دلاور قريشي، ڊاڪٽر ظفر ڪمالي، سليم ٻنڌاڻي، زونل انچارجن ۽ ٻين استبقال ڪيو . ان موقعي تي عالمن سڳورن ۽ عزادارن حسين يوم عاشور جي موقعي تي نڪرندڙ جلوسن جي گذرگاهن تي ايم ڪيو ايم ۽ ڪي ڪي ايف جي طرفان لڳايل طبي ۽ امدادي ڪيمپن ۽ پاڻي ۽ شربت جون سبيلون ۽ لنگر جو اهتمام ڪرڻ تي جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم يوم عاشور جي موقعي تي پنهننجي روايتن کي برقرار رکيو جنهن تي اهي زبردست خراج تحسين جا مستحق آهن.
*****


6/29/2024 9:05:14 AM