Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڊينسو هال جي مدينه ميڊيڪل مارڪيٽ ۾ 24 دڪانن جا قلف ڪٽي ڪري لکين روپين جو ڌاڙو هڻڻ جي واردات تي سنڌ رينجر ۽ ڊي جي رينجر بلال اڪبر کي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان زبردست خراج تحسين پيش.


ڊينسو هال جي مدينه ميڊيڪل مارڪيٽ ۾ 24 دڪانن جا قلف ڪٽي ڪري لکين روپين جو ڌاڙو هڻڻ جي  واردات تي سنڌ رينجر ۽ ڊي جي رينجر بلال اڪبر کي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان زبردست خراج تحسين پيش.
 Posted on: 10/26/2015
ڊينسو هال جي مدينه ميڊيڪل مارڪيٽ ۾ 24 دڪانن جا قلف ڪٽي ڪري لکين روپين جو ڌاڙو هڻڻ جي  واردات تي سنڌ رينجر ۽ ڊي جي رينجر بلال اڪبر کي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان زبردست خراج تحسين پيش.
ڪراچي جي مين ڪاروباري علائقي ۾ 24 دڪانن کي ڌاڙو هڻڻ جي وڏي واردات سان ڪراچي آپريشن جي ڪاميابي جي دعوائن جي ڪلي کلي وئي آهي . قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن: 26 آڪٽوبر 2015 
                  متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ڪراچي ۾ ڊينسو هال جي مدينه ميڊيڪل مارڪيٽ ۾ 24 دڪانن جا قلف ڪٽي ڪري لکين روپين جو ڌاڙو هڻڻ جي واقعي کي تاريخي واقعو قرار ڏيندي سنڌ رينجر ۽ ڊي جي رينجر بلال اڪبر کي ان شاندار ۽ تاريخي واردات تي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن فرمايو ته ڪراچي ۾ رينجر جي طرفان دهشت گردن ۽ ڏوهاري ماڻهن جي خلاف آپريشن جاري آهي. جنهن جي ڪاميابي جا وڏا دعوٰي ڪيا پيا وڃن پر شهر جي مرڪزي ڪاروباري علائقي ۾ 24 دڪانن کي لٽڻ جي ان وڏي واردات سان ڪراچي آپريشن جي ڪاميابي جي دعوٰئن جي ڪلي کلي وئي آهي. بيشڪ الله تعالٰي وٽ دير آهي پر انڌير نه آهي. جناب الطاف حسين مطالبو ڪيو ته 24 دڪانن کي لٽڻ جي ان وڏي وارادت جي شاندار ڪاميابي تي رينجر کي ڦڙتي ۽ هوشياري ڏيکارڻ تي جيترو به خراج تحسين پيش ڪيو وڃي اهو گهٽ آهي ۽ ان تي رينجر کي انعامن سان نوازيو وڃي. انهن فرمايو ته جيتوڻيڪ نشان حيدر جنگ ۾ جرت ۽ بهادري جا ڪارناما انجام ڏيندي شهيد ٿيندڙ فوجين جي لاءِ مخصوص آهي پر ڊي جي رينجر بلال اڪبر جن ان واقعي تي اهڙي غفلت جو مظاهرو ڪيو آهي جو اهي ڄاڳندي به سمهيل رهيا انهن کي به شهيد سمجهندي.جيڪڏهن نشان حيدر جي انعام سان نوازيو وڃي ته اجايو نه ٿيندو. جناب الطاف حسين ان واردات تي مدينه ميڊيڪل مارڪيٽ جي متاثره دڪاندارن سان دلي همدردي جو اظهار به ڪيو. 
*****

6/29/2024 9:35:47 AM