Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي ماورائي عدالت قتلن ۽ ٻين ظلمن جي خلاف ايم ڪيو ايم يوڪي جي طرفان لنڊن ۾ ايمنسٽي انٽرنيشنل جي هيڊ آفيس جي سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.


ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي ماورائي عدالت قتلن ۽ ٻين ظلمن جي خلاف ايم ڪيو ايم يوڪي جي طرفان لنڊن ۾ ايمنسٽي انٽرنيشنل جي هيڊ آفيس جي سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
 Posted on: 10/27/2015
ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي ماورائي عدالت قتلن ۽ ٻين ظلمن جي خلاف ايم ڪيو ايم يوڪي جي طرفان لنڊن ۾ ايمنسٽي انٽرنيشنل جي هيڊ آفيس جي سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
لنڊن: 27 آڪٽوبر 2015 
                  پاڪستان ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي ماورائي عدالت قتلن، ڇاپن، گرفتارين ۽ ڪارڪنن کي غير قانوني طريقي سان لاپتا ڪرڻ ۽ انهن کي سرڪاري حراست ۾ تشدد جو نشانو بڻائڻ، ايم ڪيو ايم جي سياسي سرگرمين تي غير اعلانيه پابندي، ميڊيا تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خطابن، بيانن ۽ تصويرون شايع ڪرڻ تي غير قانوني پابندي ۽ ٻين ظلمن  جي خلاف ايم ڪيو ايم برطانيه جي زير اهتمام ايمنسٽي انٽرنيشنل جي آفيس جي سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري ۾ ايم ڪيو ايم يوڪي يونٽ جي ڪارڪنن ۽ يوٿ ونگ جي ميمبرن سان گڏو گڏ لنڊن، برهنگم، مانچسٽر، شيفيلڊ، بريڊ فورڊ ۽ ٻين شهرن ۾ آباد پاڪستانين ۽ ڪشميري برادري سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. مظاهرين پنهنجن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کنيا هئا. جن تي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي ماورائي عدالت قتلن ۽ ٻين زيادتين جي خلاف انگريزي ۾ مذمتي جملا  تحرير هئا. ڪجھھ پلي ڪارڊن تي شهيد ۽ لاپتا ڪارڪنن جون تصويرون به ڇاپيل هيون. مظاهري ۾ ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبرن، محمد انور، مصطفٰي عزيز آبادي، ڊاڪٽر سليم دانش، حق پرست اسيمبلي ميمبرن سميتا افضال، يوڪي جي جوائنٽ آرگنائيزر سهيل خانزاده، جنرل سيڪريٽري منظور احمد ۽ ٻين به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبرن محمد انور، ڊاڪٽر سليم دانش ۽ يوٿ ونگ جي انچارج حبا دانش خطاب ڪندي ڪراچي آپريشن جي دوران ايم ڪيو ايم جي خلاف ڪئي ويندڙ زيادتين جي سخت مذمت ڪئي ۽ ايمنسٽي انٽرنيشنل کي اپيل ڪئي ته اها ڪراچي ۾ انهن ظلمن ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين جو نوٽس وٺي ۽ ان تي احتجاج جي آواز به بلند ڪري. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم جي وفد ايمنسٽي انٽرنيشنل جي سائوٿ ايشيا ڊيس جي انچارج سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کي ايم ڪيو ايم سان ٿيندڙ زيادتين تي ٻڌل هڪ ياداشت به پيش ڪئي. 
*****


6/29/2024 9:19:46 AM