ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي خطرناڪ زلزلي سان ٿيندڙ تباهين ۽ جاني و مالي نقصانن تي وڏي افسوس جو اظهار.
لنڊن: 26 آڪٽوبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ملڪ جي مختلف علائقن ۾ خطرناڪ زلزلي سان ٿيندڙ تباهين ۽ جاني و مالي نقصانن تي دلي افسوس جو اظهار ڪندي ايم ڪيو ايم جي سمورن عهديدارن، ڪارڪنن ۽ ڪي ڪي ايف جي رضاڪارن کي چيو آهي ته اهي پنهنجي مدد پاڻ جي تحت اڳتي وڌي ڪري متاثرن جي مدد ڪن. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته ڪي ڪي ايف ۽ ايم ڪيو ايم جو هميشه کان زلزلي متاثرن ۽ ڏڪار سٽيلن جي مدد ڪرڻ شعار رهيو آهي ۽ ماضي ۾ ايندڙ زلزلن ۽ قدرتي آفتن جي موقعن تي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ ڪي ڪي ايف جي رضاڪارن انهن سانحن جي متاثرن جي امداد ۽ بحالي جي لاءِ وڏيون خدمتون انجام ڏنيون آهن جن کي ڪڏهن به فراموش ڪري نه ٿو سگهجي. جناب الطاف حسين فرمايو ته مون کي چڱي نموني اندازو آهي ته ايم ڪيو ايم جي خلاف موجوده آپريشن جي ڪري ڪي ڪي ايف سخت مالي بحران جو شڪار آهي.پر ان جي باوجود ان جي رضاڪارن، ايم ڪيو ايم جي رهنمائن ۽ ڪارڪنن کي چوان ٿو ته اهي جتي به هجن پنهنجي مدد پاڻ جي تحت زلزلي متاثرن جي ڀرپور مدد ڪن. انهن زلزلي ۾ هلاڪ ٿيندڙن جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته مان دعاگو آهيان ته الله تعالٰي مرحومن جي بخشش فرمائي ۽ زخمين کي جلد و مڪمل صحتيابي عطا فرمائي.آمين.
*****