Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جناب الطاف حسين جي هدايت تي ڪي ڪي ايف ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ زلزلي متاثرن جي لاءِ امدادي ڪيمپ قائم ڪري ڇڏيا. رابطا ڪميٽي ميمبر ڪنور نويد جميل.


جناب الطاف حسين جي هدايت تي ڪي ڪي ايف ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ زلزلي متاثرن جي لاءِ امدادي ڪيمپ قائم ڪري ڇڏيا. رابطا ڪميٽي ميمبر ڪنور نويد جميل.
 Posted on: 10/27/2015
جناب الطاف حسين جي هدايت تي ڪي ڪي ايف ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ زلزلي متاثرن جي لاءِ امدادي ڪيمپ قائم ڪري ڇڏيا. رابطا ڪميٽي ميمبر ڪنور نويد جميل.
خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس.
ڪراچي: 27 آڪٽوبر 2015 
                   متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڪنور نويد جميل چيو آهي ته ملڪ ۾ ايندڙ زلزلي ۾ ٿيندڙ تباهي وڏي افسوسناڪ آهي جنهن تي ايم ڪيو ايم جو قائد جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جو هڪ هڪ ڪارڪن پنهنجن هم وطنن جي لاءِ دعاگو آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر شبير احمد قائم خاني، عارف خان، عبدالحسيب، زاهد منصوري ۽ حق پرست اسيمبلي ميمبر رئوف صديقي به موجود هئا. ڪنور نويد جميل چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ ڪي ڪي ايف 2005 ۾ به  ايندڙ زلزلي ۾ ڪشمير، بالاڪوٽ ۽ مانسهره سميت ٻين هنڌن تي وڏي ڀرپور طريقي سان امدادي ڪم ڪيو هو. جنهن کي قومي ۽ عالمي سطح تي ساراهيو ويو هو ۽ هن ڀيري به جناب الطاف حسين ڪي ڪي ايف، ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي زلزلي متاثرن جي ڀرپور طريقي سان مدد ڪن. انهن چيو ته جناب الطاف حسين جي هدايت جي مطابق ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ ڪي ڪي ايف جا مرڪزي ڪيمپ قائم ڪيا ويا آهن. انهن چيو ته امدادي سامان جي پهرين کيپ سينيٽر بيرسٽر محمد علي سيف ۽ سينيٽر ميان عتيق راولپنڊي ۾ آرمي ڪيمپ تي اڄ  جمع ڪرائيندا. انهن سڄي ملڪ جي عوام خصوصن مخير حضرات ۽ بزنس ڪميونٽي کي اپيل ڪئي ته اهي ڏکايل انسانيت جي خدمت جو جذبو رکي ڪري زلزلي متاثرن جي امداد جي لاءِ اسان جو ساٿ ڏين ۽ وڌ کان وڌ تعداد ۾ کاڌي پيتي جون شيون ۽ روز مره جو ٻيو سامان اسان جي ڪيمپن تي پهچائين. هڪ سوال جي جواب ۾ انهن چيو ته هن ڀيري به ڪي ڪي ايف جا رضاڪار سمورين تڪليفن جي باوجود ماضي جي جذبي سان پنهنجن هم وطنن جي خدمت ڪندا.
*****

6/29/2024 9:24:38 AM