Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن عارف خان، زاهد منصوري ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خواجه اظهار الحسن جو ڊينسو هال ميڊيسن مارڪيٽ جو دورو.


ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن عارف خان، زاهد منصوري ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خواجه اظهار الحسن جو ڊينسو هال ميڊيسن مارڪيٽ جو دورو.
 Posted on: 10/26/2015
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن عارف خان، زاهد منصوري ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خواجه اظهار الحسن جو ڊينسو هال ميڊيسن مارڪيٽ جو دورو.
ڪراچي: 26 آڪٽوبر 2015 
                    متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن عارف خان، زاهد منصوري ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خواجه اظهار الحسن ڊينسو هال جي ميڊيسن مارڪيٽ جو دورو ڪيو ۽ 24 دڪانن جا قلف ڪٽي ڪري لکين روپين جو ڌاڙو هڻڻ جي واقعي جي سخت ترين لفظن ۾مذمت ڪئي آهي.ان موقعي تي حق پرست اسيمبلي ميمبر ۽ ٻيا به انهن سان گڏ هئا. ايم ڪيو ايم جي وفد متاثره دڪاندارن ۽ يونين جي صدر چوڌري عارف ۽ ٻين عهديدارن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن سان ان واقعي تي وڏي افسوس جو اظهار به ڪيو ۽ انهن کي ايم ڪيو ايم جي طرفان هر ممڪن سهڪار جي خاطري به ڪرائي. ان کان پوءِ ميڊيا سان ڳالھھ ٻولھھ ڪندي رابطا ڪميٽي ميمبر عارف خان چيو ته جيڪي ماڻهو امن و امان جا داعي بڻيل آهن اڄ انهن جي هوندي اهڙيون وارداتون ڪيئن ٿي رهيون آهن، انهن چيو ته اسان عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين ۽ اها ئي وجه آهي ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين اسان کي هتي موڪليو آهي. انهن چيو ته ڪراچي آپريشن پنهنجي جڳھھ تي ڏوهاري ماڻهن جي خلاف ٿي رهيو آهي ته ڊينسو هال ميڊيسن مارڪيٽ ۾ واردات به ڏوهاري ماڻهن ئي ڪئي آهي. ان واردات ۾ ملوث ماڻهن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي.انهن چيو ته حڪومت ۾ هوندي به اسان عوام جي هر مسئلي تي آواز اٿاري هئي ۽ اپوزيشن ۾ به هوندي اسان عوام جي وچ ۾ آهيون. انهن سوال ڪيو ته ڪراچي آپريشن جي هوندي ڏوهاري ماڻهو ڪيئن آزاد گهمي رهيا آهن؟ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي اها ذميواري آهي ته اهي انهن جي خلاف ايڪشن وٺن.انهن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته  اها متاثره دڪاندارن کي فوري طور تي معاوضو ڏي. ان کان اڳ خواجه اظهار الحسن ڳالھھ ٻولھھ ڪندي چيو  ته حڪومت کي گهرجي ته اها حڪومت بچايو پاليسي جي بجاءِ عوام بچايو پاليسي تي عمل ڪري. انهن چيو ته ڊينسو هال جي واردات جو واقعو ڪجھھ ڪلاڪن جو واقعو نه آهي ڏوهارين وڏي سڪون سان اها ڪاروائي ڪئي آهي، علائقي جي ايس ايچ او ۽ ڊي ايس پي ان واقعي ۾ غفلت جو مظاهرو ڪيو آهي. انهن جي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. انهن چيو ته هن مهل تائين ڪوئي به حڪومتي نمائندو هتي نه آيو آهي  پر اسان سخت ترين دٻاءُ ۾ هوندي به هتي موجود آهيون. 
*****

6/29/2024 9:13:14 AM