اورنگي ٽائون جي سابق حق پرست ٽائون ناظم عبدالحق جي والده محترمه جي وفات تي جناب الطاف حسين جي طرفان وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار.
لنڊن: 26 آڪٽوبر 2015
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين اورنگي ٽائون جي سابق حق پرست ٽائون ناظم عبدالحق جي والده محترمه جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين مرحومه جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ مون سميت ايم ڪيو ايم جو هڪ هڪ ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي. جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي مرحومه کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.
*****