Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

متحده قومي موومينٽ جي پارليماني وفد جي وزير اعظم ميان محمد نواز شريف سان گورنر هائوس ۾ ملاقات.


 Posted on: 7/10/2014
متحده قومي موومينٽ جي پارليماني وفد جي وزير اعظم ميان محمد نواز شريف سان گورنر هائوس ۾ ملاقات.
ايم ڪيو ايم جي وفد ڪراچي جا منصوبا وزير اعظم جي سامهون رکيا.
وزير اعظم ڪي _4 ڪراچي مانسٽرانزٽ ، فرسٽ فيز ، لياري ايڪسپريس وي ۽ سدرن بائي پاس سميت ٻين ڪيترن ئي منصوبن جي منظوري ڏيئي چڏي.
ڪراچي؛ 10 جولائي 2014
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، رابطا ڪميٽي ميمبرن ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ سينيٽر بابر غوري تي مشتمل ايم ڪيو ايم جي ٽي رڪني وفد خميس جي ڏينهن وزير اعظم ميان محمد نواز شريف سان گورنر هائوس ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي.ملاقات انتهائي خوشگوار ماحول ۾ ٿي جنهن ۾ ايم ڪيو ايم جي وفد وزير اعظم ميان نواز شريف کي ڪراچي جي مسئلن جي باري ۾ ڄاڻ فراهم ڪئي.ان موقعي تي گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد به موجود هئا.تفصيلات جي مطابق ايم ڪيو ايم وفد وزير اعظم جي سامهون ڪراچي ۽ ان جي عوام جا مسئلا رکيا.وفد جي طرفان ڪي _فور ڪراچي مانسٽرانزٽ، لياري ايڪسپريس وي ۽ ڪراچي جي بندرگاهن کي ايم _9 موٽر وي سان ملائڻ جي لاءِ سدرن بائي پاس جي منصوبن سميت ٻيا منصوبا وزير اعظم جي سامهون رکيا. ان موقعي تي وزير اعظم ميان نواز شريف پاڻي جي نيڪال جو منصوبو ڪي _4 جنهن
جي پهرين مرحلي ۾ ايم جي ڊي_260 جي اضافي پاڻي جي فراهمي شامل آهي، منظور ڪري ورتو، وزير اعظم ڪراچي ماس ٽرانزٽ جي پهرين مرحلي ۾ 14 ارب روپين جي لاڳت سان گرين لائين ميٽرو بس جي منظوري جو به اعلان ڪيو. ان موقعي تي وزير اعظم لياري ايڪسپريس وي جي تڪميل جي لاءِ 7 ارب روپين جي منظوري به ڏني ته جيئن لياري ايڪسپريس وي جو اهو پنجن ڪلوميٽرن جو اهو حصو جيڪو  رهجي ويو آهي ان کي فوري طور تي مڪمل ڪري سگهجي.وزير اعظم ملير ايڪسپريس وي يعني سدرن بائي پاس جي ذريعي ڪراچي جي بندرگاهن کي ايم _9 موٽر وي سان ملائڻ جي لاءِ 42 ارب روپين جي لاڳت سان 67 ڪلوميٽر روڊ جي تعمير جي منظوري به ڏيئي چڏي آهي. وزير اعظم ايم ڪيو ايم جي منصوبن تي دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ ڪراچي سرڪلر ريلوي ، حيدرآباد ۾ يونيورسٽي جي قيام ۽ سکر نواب شاھ ۽ لاڙڪاڻي سميت ٻين شهرن ۾ اهم ترقياتي منصوبن تي ايندڙ دوري تي وڏو پيڪيج منظور ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.ان موقعي تي وفد منصوبن جي منظوري ۽ فنڊ جاري ڪرڻ جي اعلان جو خير مقدم ڪندي وزير اعظم ميان محمد نواز شريف جو شڪريو  ادا ڪيو

5/16/2024 7:28:54 PM