Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي ۾ جاري آپريشن جي حوالي سان ايم ڪيو ايم جي شڪايتن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٽ ڪئي وئي.


 Posted on: 7/11/2014
ڪراچي ۾ جاري آپريشن جي حوالي سان ايم ڪيو ايم جي شڪايتن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٽ ڪئي وئي.
ڪراچي آپريشن جي دوران شڪايتن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ 6 رڪني ڪميٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو.
ڪميٽي ۾ آپريشن ڪرڻ وارن ادارن جا ٽي اعلٰي آفيسر ۽ ايم ڪيو ايم جا ٽي ميمبر شامل هوندا.
جناب الطاف حسين ڪورڪمانڊر ڪراچي جنرل سجاد غني سان ٿيندڙ ڳالھ ٻولھ کان پوءِ آرمي چيف کي کليل خط لکڻ جو فيصلو ملتوي ڪري چڏيو.
لنڊن؛ 11 جولائي 2014
             متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ۽ ڪورڪمانڊر ڪراچي ليفٽنٽ جنرل سجاد غني جي وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالھ ٻولھ ٿي. جنهن ۾ ڪراچي ۾ جاري آپريشن جي حوالي سان ايم ڪيو ايم جي شڪايتن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٽ ڪئي وئي. ڪورڪمانڊر ڪراچي جناب الطاف حسين کي يقين ڏياريو ته آپريشن کي غيرجانبدار بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي ۽ ان حوالي سان سامهون اچڻ وارين شڪايتن جي تحقيقات ڪئي ويندي. ڳالھ ٻولھ جي دوران 6 رڪني ڪميٽي قائم ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو جنهن ۾ آپريشن ڪرڻ وارن ادارن جا ٽي اعلٰي آفيسر ۽ ايم ڪيو ايم جا ٽي ميمبر شامل هوندا. اها ڪميٽي تمام تر شڪايتن جو جائزو وٺي ڪري ان جي تحقيقات ڪندي ۽ جيڪي ماڻهو به قانون جي خلاف ورزي ۾ ملوث هوندا انهن جي خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي،ڀلي ان جو تعلق ڪنهن سان به هجي.واضع رهي ته ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف کي ڪراچي آپريشن جي حوالي سان حقيقتن تي ٻڌل خط لکڻ جو فيصلو ڪيو هو ۽ چيو هو ته اهي ان باري ۾ وڌيڪ کليل خط به لکندا پر ڪورڪمانڊر ڪراچي جناب الطاف حسين جي شڪايتن کي هڪ فرض شناس، غيرجانبدار ۽ ديانتدار آفيسر جي حيثيت سان ٻڌو جنهن تي جناب الطاف حسين چيف آف آرمي اسٽاف کي خط لکڻ جو فيصلو ملتوي ڪري چڏيو آهي.



5/16/2024 6:54:43 PM