اٽي جي قيمتن ۾ اضافي تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
ناجائز نفعو ڪمائڻ وارن جي خلاف قانون جي مطابق سخت ترين ڪاروائي ڪئي وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛ 11 جولائي 2014
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ناجائز نفعو ڪمائيندڙن جي طرفان اٽي جي قيمتن ۾ اضافو ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان کي رمضان شريف جي مبارڪ مهيني ۾ عوام جي مشڪلاتن ۾ وڌيڪ اضافو قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته هڪ طرف ته عوامي پهريائين مهانگائي جي بار هيٺان پوريل آهن جڏهن ته ٻئي طرف رمضان شريف ۾ عوام جي لاءِ بنيادي استعمال جي شين جي قيمتن ۾ ڪمي آڻڻ جي بجاءِ ناجائز نفعي خور نه صرف من مانيون ڪري رهيا آهن بلڪه رمضان شريف جي مقدس مهيني جو تقدس به پامال ڪري رهيا آهن جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته اٽي جي قيمتن ۾ اضافي جو فوري طور تي نوٽس ورتو وڃي ۽ ناجائز نفعو ڪمائيندڙن جي خلاف سخت ترين ڪاروائي ڪئي وڃي