Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ڪورڪمانڊر ڪراچي ليفٽننٽ جنرل سجاد غني کي هڪ ايس او ايس پيغام پرنٽ و اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ذريعي ۽ ٽي سي ايس جي ذريعي موڪليو آهي.


 Posted on: 7/12/2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ڪورڪمانڊر ڪراچي ليفٽننٽ جنرل سجاد غني کي هڪ ايس او ايس پيغام پرنٽ و اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ذريعي ۽ ٽي سي ايس جي ذريعي موڪليو آهي.

محترم ڪورڪمانڊر ڪراچي ليفٽننٽ جنرل سجاد غني.

   ڪور هيڊڪوارٽر ڪراچي.

    محترم جنرل صاحب السلام عليڪم.

       منهنجي گذريل ڏينهن اوهان سان ٽيليفون تي ڳالھ ٻولھ ٿي هئي جنهن کي اڃان 8 ڪلاڪ به نه گذريا هئا ته رينجر جي اعلٰي آفيسرن نيو ڪراچي يونٽ نمبر 140_اي ۾ ايم ڪيو ايم جي يونٽ انچارج حيدر بيگ جي گهر تي صبح سحري جي وقت تقريبن 3 وڳي چاپو هنيو، چاپي ۾ 5 موبائلون ۽ 5 موٽر سائيڪلون هيون. جن ۾ رينجر جا اهلڪار سوار هئا جن چاپي جي دوران گهر جي تلاشي ورتي ۽ حيدر بيگ کي گرفتار ڪري ورتو ۽ انهن جي موٽرسائيڪل به پاڻ سان گڏ کڻي ويا. گرفتاري جي فوري اطلاع حق پرست صوبائي اسيمبلي ميمبر خواجه اظهار الحسن ۽ لاڳاپيل ميمبر قومي اسيمبلي عبدالوسيم کي ڏني وئي. ٻئي چونڊيل نمائندا حيدر بيگ جي گهر پهتا، چاپي ۽ گرفتاري جون تفصيلات معلوم ڪيون ۽ اتي اهي نيو ڪراچي سيڪٽر ايف _11 ۾ واقع رينجر جي مقامي آفيس پهتا. آفيس جي ٻاهران موجود سپاهي انهن کي ٻڌايو ته آفيس ۾ رينجر ونگ انچارج ڪرنل شادمان موجود نه آهن. ان تي اسيمبلي ميمبرن ڪرنل شادمان

2

کي ڪيترائي ڀيرا ٽيڪسٽ ميسيج موڪليا ۽ ڪيترائي ٽيليفون به ڪيا پر نه ته انهن ڪنهن ميسيج جو جواب ڏنو ۽ نه ئي ٽيليفون اٽينڊ ڪيو، ساڻ ئي حق پرست اسيمبلي ميمبرن علائقي جي رينجر سيڪٽر ڪمانڊر بريگيڊيئر حامد کي به ڪيترائي فون ڪيا ۽ ميسيج موڪليا پر انهن به نه ته ڪنهن ميسيج جو جواب ڏنو ۽ نه ئي ڪو فون ٻڌو. ان وقت صبح جا 7 ٿي رهيا آهن ۽ اهي ٻئي اسيمبلي ميمبررينجر آفيس جي ٻاهران موجود آهن ۽ ڪوئي به انهن جي فرياد ٻڌڻ وارو نه آهي.

          محترم ڪورڪمانڊر صاحب مان جيڪي شڪايتون رينجر جي رويي جي باري ۾ ڪيون هيون ان جي 8 ڪلاڪن کان بعد جون تفصيلات اوهان کي موڪلي چڏيون آهن ان قوي اميدسان ته اوهان ان واقعي جو هنگامي طور تي ضرور نوٽس وٺندا ۽ ذميوارن کان پچاڻو به ڪندا.

والسلام                                                                                                                       

                                                 هڪ جلاوطن پاڪستاني                           

                                                    الطاف حسين                                              

                                     باني و قائد متحده قومي موومينٽ(پاڪستان)                     

5/16/2024 7:29:01 PM