Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سڄي ملڪ جا تمام ايڊيٽر صاحبان!


 Posted on: 7/11/2014
سڄي ملڪ جا تمام ايڊيٽر صاحبان!
                           السلام عليڪم
       ڪراچي ۾ جاري موجوده آپريشن ۾ رينجر جي هٿان لساني بنيادن تي اردو ڳالهائڻ وارن معصوم ڪارڪنن کي بغير ڪنهن  جواز جي قتل ڪرڻ، اغوا ڪرڻ، تشدد ڪرڻ، ماورائي عدالت قتل ڪرڻ ۽ لڳاتار گرفتاريون ٿي رهيون آهن. ان جي باري ۾ مان چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف صاحب جي نالي هڪ کليل خط لکي رهيو آهيان.
          مان اوهان کي رمضان شريف جي مقدس مهيني ۾ الله تعالٰي ۽ ان جي نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي قسم ڏيئي ڪري اپيل ڪريان ٿو ته ان کي وڌ کان وڌ ڪوريج ڏيئي ڪري پنهنجو اخلاقي، انساني ۽ اسلامي فرض پورو ڪريو.مان اهي تفصيلات ڪنهن ٽي وي تي بيپر جي ذريعي به ڏيئي سگهان پيو پر مان جنهن ٽي وي چينل کي بيپر ڏيان ها اهو ٽارگيٽ بڻجي وڃي ها، ان جي ڪري مان پرنٽ ، اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ ٻين ذريعن کي خط جي ذريعي پاڪستان جي چيف آف آرمي اسٽاف جي نالي کليل خط لکڻ تي مجبور ٿي ڪري انهن کي خط نمبر1 ۾ ڄاڻ فراهم ڪري رهيو آهيان. ان کان پوءِ مان خط نمبر 2 ،3 ، 4 ۽ 5 وغيره ۾ به هڪ هڪ واقعي جي اطلاع ڏيندو رهندس ڇو ته هيٺين سطح جا جيڪي به لاڳاپيل عسڪري ادارا آهن انهن سڀني جا دروازا مان ۽ منهنجا ساٿي ايم اين ايز، ايم پي ايز کڙڪائي چڪا آهن پر اهي سڀ مايوس ٿي ڪري موٽيا.ان جي ڪري اوهان کي خط جي ذريعي آگاھ ڪرڻ ضروري هو، اهو خط مان اوهان کي هاڻي ئي لکي رهيو آهيان.
والسلام
الطاف حسين
 

5/16/2024 7:29:05 PM