Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

رينجر جي طرفان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي بغير ڪنهن جواز جي گرفتارين ۽ چاپن جو سلسلو ٻيهر شروع ڪيو ويو آهي


 Posted on: 7/12/2014
رينجر جي طرفان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي بغير ڪنهن جواز جي گرفتارين ۽ چاپن جو سلسلو ٻيهر شروع ڪيو ويو آهي.

ايم ڪيو ايم جي وڌيڪ 8 ڪارڪنن جي بغير ڪنهن جواز جي گرفتارين ۽ چاپن تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.

ڪراچي؛ 12 جولائي 2014

               متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي چيو آهي ته رينجر جي طرفان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي بغير ڪنهن جواز جي گرفتارين ۽ چاپن جو سلسلو ٻيهر شروع ڪيو ويو آهي ۽ ايم ڪيو ايم جي وڌيڪ 8 ڪارڪنن جي بغير ڪنهن جواز جي گرفتارين ۽ چاپن جي مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم لياري سيڪٽر يونٽ 32 جي ڪارڪن عامر اختر ڌنا کي چال ڪمپائونڊ ۾ انهن جي گهر کان گرفتار ڪيو ويو. لياري سيڪٽر 32 جي ڪارڪن شعيب کي به انهن جي گهر کان گرفتار ڪيو ويو ، لياري سيڪٽر يونٽ 31 جي ڪارڪن ڪاشف کي به انهن جي گهر کان گرفتار ڪيو ويو،رنڇوڙ لائين جي ڪارڪن شاهنواز سعيد کي به انهن جي گهر کان گرفتار ڪيو ويو،بلديه سيڪٽر يونٽ 117 جي ڪارڪن شهزاد کي به انهن جي گهر جي ويجهو فيڪٽري کان گرفتار ڪيو ويو. جڏهن ته لياري سيڪٽر 33 جي ڪارڪن قيوم جي گهر تي چاپو هنيو ويو ۽ انهن جي ڀائيٽي راشد کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو ويو. لياري سيڪٽر يونٽ 33 جي فنانس سيڪريٽري خورشيد عالم جي گهر تي چاپو هڻي ڪري انهن جي گهر وارن کي هراسان ڪيو ويو ۽ لياري سيڪٽر يونٽ  33 جي سرڪل انچارج سلطان جي گاڏي کان فطري جون رسيدون پاڻ سان گڏ کڻي ويا. رابطا ڪميٽي ڪورڪمانڊر ڪراچي ليفٽننٽ جنرل سجاد غني کان مطالبو ڪيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي گرفتار ڪارڪنن جي زندگي کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي

5/16/2024 7:29:02 PM