Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم ۾ ڏوهاري ماڻهن جي ڪائي به گنجائش نه آهي. صدر ايم ڪيو ايم سينٽرل پنجاب عامر بلوچ.


 Posted on: 7/10/2014
ايم ڪيو ايم ۾ ڏوهاري ماڻهن جي ڪائي به گنجائش نه آهي. صدر ايم ڪيو ايم سينٽرل پنجاب عامر بلوچ.
لاهور؛ 10 جولائي 2014
          متحده قومي موومينٽ جي سينٽرل پنجاب جي صدر عامر بلوچ پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ايم ڪيو ايم ۾ ڏهاري ماڻهن جي ڪائي به گنجائش نه آهي ۽ ايم ڪيو ايم ان ڳالھ تي يقين رکي ٿي ته ڪوئي به ڏوهاري شخص چاهي ان جو تعلق ڪنهن به سياسي جماعت،ٽولي يا مڪاتب فڪر سان هجي ان کي قانون جي گرفت ۾ وٺي ڪري قانون ۽ آئين جي مطابق سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.انهن چيو ته ايم ڪيو ايم هڪ محب وطن سياسي جماعت آهي جيڪا نه صرف وڏو عوامي مينڊيٽ رکي ٿي بلڪه سينيٽ ، قومي ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ موثر نمائندگي به رکي ٿي، ايم ڪيو ايم پاڪستان کي خوشحال ۽ ترقي ڪندي ۽ معاشري کي پاڪ ڏسڻ چاهي ٿي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جو قائد جناب الطاف حسين ۽ رابطا ڪميٽي ڪيترائي ڀيرا پنهنجن بيانن ۾ چيو آهي ته ايم ڪيو ايم ۾ ڪنهن به قسم جي ڏوهاري ماڻهن جي ڪائي به گنجائش نه آهي.

5/16/2024 9:57:53 PM