Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

وزير اعظم ميان نواز شريف جي طرفان ڪراچي ۽ حيدرآباد جي لاءِ مختلف ترقياتي منصوبن جو اعلان تمام سٺي ڳالھ آهي. ايم ڪيو ايم.


 Posted on: 7/10/2014
وزير اعظم ميان نواز شريف جي طرفان ڪراچي ۽ حيدرآباد جي لاءِ مختلف ترقياتي منصوبن جو اعلان تمام سٺي ڳالھ آهي. ايم ڪيو ايم.
اميد آهي ته وزير اعظم ان کي صرف اعلان جي حد تائين محدود نه رکندا بلڪه ان کي عملي شڪل به ڏيندا.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛ 10 جولائي 2014
          متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف جي طرفان ڪراچي ۽ حيدرآباد جي لاءِ مختلف ترقياتي منصوبن جي اعلان جو خيرمقدم ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ڪراچي جو مسئلو اهو ئي آهي ته هر دور ۾ ڪراچي کي نظر انداز ڪيو ويو. ڪراچي قومي خزاني ۾ 70 سيڪڙو روينيو ڏيئي ٿو ۽ پوري ملڪ کي پالي ٿو پر ترقياتي منصوبن جي معاملي ۾ ان کي هميشه محروم رکيو ويو آهي. گذريل پوين ڏهاڪن ۾ ڪراچي جي آبادي تمام گهڻي وڌي چڪي آهي پر ان جي آبادي جي تناسب سان ان جي لاءِ فنڊَ مختص نه ڪيا ويا، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته پوري ملڪ کي ڪمائي ڪري ڏيڻ واري ڪراچي پاڻ ترقي ۽ خوشحالي کان محروم آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم جي شهري حڪومت جي دور ۾ ڪراچي جي لاءِ بهترين گرين بسن کي متعارف ڪرايو ويو پر شهري حڪومت جي ختم ٿيندي ئي هڪ سازش جي تحت ان گرين بسن کي ڊپو ۾ وجهي ڪري تباه ڪري چڏيو ويو . ايم ڪيو ايم سابقه دور حڪومت ۾ سرڪلر ريلوي کي ٻيهر شروع ڪرايو هو پر ان کي به ڄاڻي ٻجهي بند ڪيو ويو. ڪراچي وانگر حيدرآباد ، ميرپورخاص، سکر ۽ سنڌ جا ٻيا شهري علائقا به بهتر سفري سهولتن. اعلٰي تعليمي ادارن ۽ ٻين ترقياتي منصوبن کان محروم آهن. رابطا ڪميٽي چيو ته اها ڳالھ تمام سٺي آهي ته وزير اعظم اڄ ڪراچي جي ٽرانسپورٽ، سرڪلر ريلوي جي بحالي، پاڻي جي فراهمي جي منصوبي ۽ حيدرآباد يونيوورسٽي جي قيام جو اعلان ڪيو آهي اهو تمام سٺو آهي. اميد آهي ته وزير اعظم ان کي صرف اعلان جي حد تائين محدود نه رکندا بلڪه ان کي عملي شڪل به ڏيندا.رابطا ڪميٽي وزير اعظم نواز شريف کان مطالبو ڪيو ته سنڌ جي ٻئي وڏي شهر حيدرآباد کي تباهي کان بچايو وڃي ۽ ان جي ترقي جي لاءِ پيڪيج جو اعلان ڪيو وڃي.
*****



5/16/2024 7:29:09 PM