Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

وفاقي ۽ صوبائي ادارن ۾ ڪراچي جي نوجوانن کي نوڪرين ۾ مسلسل نظرانداز ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.


 Posted on: 7/11/2014
وفاقي ۽ صوبائي ادارن ۾ ڪراچي جي نوجوانن کي نوڪرين ۾ مسلسل نظرانداز ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.
وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ ڪراچي جي نوجوانن سان مائٽيلي اولاد وارو سلوڪ بند ڪرائين. رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛11 جولائي 2014
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي وفاقي ۽ صوبائي ادارن ۾ ڪراچي جي نوجوانن کي نوڪرين ۾ مسلسل نظرانداز ڪرڻ تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ ان کي ڪراچي جي باصلاحيت نوجوانن جي حق تلفي ۽ ميرٽ جو قتل قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ڪراچي پاڪستان جو سڀني کان وڏو شهر ۽ معاشي حب آهي ۽ ان شهر جي نوجوانن جو به وفاقي ۽ صوبائي ادارن ۾ نوڪرين تي ايترو ئي حق آهي جيترو ٻين صوبن ۽ شهرن جي نوجوانن جو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي طرفان ادارن ۾ نوڪرين جي لاءِ اشتهارن ۾ ڪراچي جي نوجوانن کي نظرانداز ڪرڻ سان ڪراچي جي نوجوانن ۾ وڏي مايوسي ڦيلجي رهي آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ڪراچي جي نوجوانن کي نوڪرين کان محروم رکي ڪري انهن جي دلين ۾ نفرت جا ٻج پوکيا پيا وڃن جنهن جي تيار ٿيندڙ فصل ملڪ کي انارڪي ڏانهن وٺي ويندي.رابطا ڪميٽي چيو ته ان حقيقت کان ڪوئي به انڪار ڪري نه ٿو سگهي ته ڪراچي جي نوجوانن ۾ ڪنهن به ٽيلنٽ جي ڪمي نه آهي ماضي ۾ ڪراچي سان تعلق رکندڙ نوجوانن ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي اهو سڀني جي سامهون آهي.رابطا ڪميٽي چيو ته هڪ طرف تي
ڪراچي ۾ ڪوٽا سسٽم نافذ ڪري ڪراچي جي باصلاحيت نوجوانن کي انهن جي حقن کان محروم رکيو پيو وڃي جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ڪراچي ۽ ان جي نوجوانن سان حق تلفي جو سلسلو بند ڪيو وڃي ۽ انهن کي قومي ڌاري ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ نه صرف وفاقي ۽ صوبائي ادارن ۾ نوڪريون فراهم ڪيون وڃن.رابطا ڪميٽي وزير اعظم ۽ وزير اعلٰي سنڌ سميت تمام وفاقي ۽ صوبائي ادارن جي انتظاميه کان مطالبو ڪيو ته اهي ڪراچي جي نوجوانن سان ويڳي اولاد جو سلوڪ بند ڪرائين ۽ ڪراچي جي نوجوانن کي نوڪرين ۾ انهن جو جائز حصو ڏيارين ۽ انهن کي نوڪرين ۾ نظر انداز ڪرڻ جو سختي سان نوٽس ورتو وڃي

5/16/2024 8:12:25 PM