خدمت خلق فائونڊيشن جي طرفان اتر وزيرستان جي آئي ڊي پيز جي لاءِ منرل واٽر جي بوتلن جو ٽرڪ روانا.
جناب الطاف حسين هميشه هم وطنن جي هر وقت امداد ڪئي آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛ 11 جولائي 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي خصوصي هدايت تي ڪي ڪي ايف جي طرفان اتر وزيرستان کان لڏپلاڻ ڪندڙ هم وطنن جي امداد جو سلسلو جاري آهي. ان سلسلي ۾ ڪي ڪي ايف جي طرفان اتر وزيرستان جي متاثرن جي لاءِ پيئڻ جي صاف پاڻي جي بوتلن جو هڪ ٽرڪ روانا ڪيو ويو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن عادل خان ، اسلم آفريدي ۽ صوبائي وزير رئوف صديقي ڪي ڪي ايف جي رضاڪارن تائين جناب الطاف حسين جو پيغام پهچائيندي چيو ته قائد تحريڪ هميشه مظلوم ۽ محروم عوام ۽ پنهنجي هم وطن ڀائرن جي هر ڏکئي وقت ۾ مدد ڪئي آهي. اهڙي طرح اسان جو به فرض آهي ته اڄ هن مشڪل گهڙي ۾ پنهنجي هم وطنن جي ڀرپور مدد ڪريون. رابطا ڪميٽي ان موقعي تي موجود رضاڪارن ۽ ڪارڪنن کي جناب الطاف حسين جي طرفان خراج تحسين به پيش ڪيو.
*