ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر سيد شاڪر علي جي والده محترمه جي علالت تي جناب الطاف حسين جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.
لنڊن؛ 10 جولائي 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر سيد شاڪر علي جي والده محترمه جي علالت تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ انهن جي جلد و مڪمل صحت يابي جي لاءِ دعا به ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين حق پرست امڙين، ڀينرن، بزرگن ۽ نوجوانن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي سيد شاڪر علي جي والده محترمه جي صحت يابي جي لاءِ الله تعالٰي جي حضور خصوصي دعائون ڪن