Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم ڪينيڊا جي زير اهتمام ڪينيڊا جي تمام چيپٽرن ٽورنٽو، ڪيلگري ، مونٽريال، ونڊسرا ۽ ايڊمنٽن ۾ عظيم الشان محفل نعت ۽ افطار ڊنرز جو اهتمام ڪيو ويو. ڪينيڊين ۽ پاڪستاني شخصيتن سميت عوام جي وڏي تعداد ۾ شرڪت


 Posted on: 7/11/2014
ايم ڪيو ايم ڪينيڊا جي زير اهتمام ڪينيڊا جي تمام چيپٽرن ٽورنٽو، ڪيلگري ، مونٽريال، ونڊسرا ۽ ايڊمنٽن ۾ عظيم الشان محفل نعت ۽ افطار ڊنرز جو اهتمام ڪيو ويو. ڪينيڊين ۽ پاڪستاني شخصيتن سميت عوام جي وڏي تعداد ۾ شرڪت.
ٽورنٽو؛ 11 جولائي 2014
            ايم ڪيو ايم ڪينيڊا جي زير اهتمام ڪينيڊا جي شهر ٽورنٽو، ڪيلگري، مونٽريال ، ونڊسرا ۽ ايڊمنٽن ۾ عظيم الشان محفل نعت ۽ افطار ڊنر جو اهتمام ڪيو ويو.جنهن ۾ سينٽرل آرگنائيزر آصف قاضي ، جوائنٽ آرگنائيزر مسعود حسن،سينٽرل ڪميٽي جي ميمبرن، تمام شعبن جي ذميوارن، چيپٽر انچارجن ۽ ڪارڪنن سميت پاڪستانين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. محفل نعت ۽ افطار ڊنر جي تقريبن ۾ پاڪستان کان آيل ايم ڪيو ايم جي سينيئر رهنما زرين مجيد به شرڪت ڪئي.ان کان علاوه ايسوسيئيٽ هيلٿ منسٽر بوني ڪوم بي ۽ ٻين شخصيتن به خصوصي طور تي شرڪت ڪئي.ان سلسلي جو مرڪزي اجتماع جي ٽي اي چيپٽر ۾ منعقد ٿيو جنهن کي خطاب ڪندي آصف قاضي چيو ته ايم ڪيو ايم ڪينيڊا قائد تحريڪ جي هدايت تي پاڪستاني ڪميونٽي کي يڪجا ڪرڻ ۽ ان کي پنهنجن فرضن جي انجام ڏيڻ ، صحت مند معاشري جي قيام کان علاوه تمام ديني ، سياسي، علمي، ادبي ۽ سماجي سرگرمين ۾ وڌي چڙهي ڪري حصو وٺڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي. تقريب ۾ موجود شخصيتن به پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي خصوصي طور تي بوني ڪرومبي وڊيو پيغام به ريڪارڊ ڪرايو ۽ تمام شخصيتن قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي ولوله انگيز قيادت کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ۽ ايم ڪيو ايم ڪينيڊا جي سماجي سرگرمين ۾ وڌي چڙهي ڪري حصو وٺڻ کي ساراهيو. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين ۾ اها ڳالھ خصوصي طور تي پاتي وڃي ٿي ۽ ان ۾ ڪوئي شڪ نه آهي ته جناب الطاف حسين هڪ بين الاقوامي ليڊر آهن.محفل نعت جي اجتماعن ۾ ٽورنٽو جي معروف نعت خوان حضرات نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي شان مبارڪ ۾ نعت شريفون پڙهي حاضرين جي دلين کي منور ڪيو. آخر ۾ آصف قاضي مهمانن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ۾ 6 جولائي تي سڀني کان وڏي اجتماعي افطار پارٽي جو اهتمام ڪري ايم ڪيو ايم هڪ ريڪارڊ قائم ڪيو آهي جنهن ۾ لکين ماڻهن روزو افطار ڪيو هو.

5/17/2024 12:03:30 AM