Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

قائد تحريڪ جناب الطاف حسين پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جو جلسو ڪري ثابت ڪري چڏيو آهي ته پوري قوم ڏکئي وقت ۾ پاڪ فوج سان گڏ آهي. ڊاڪٽر سليم دانش ۽ سهيل خانزاده.


 Posted on: 7/11/2014
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جو جلسو ڪري ثابت ڪري چڏيو آهي ته پوري قوم ڏکئي وقت ۾ پاڪ فوج سان گڏ آهي. ڊاڪٽر سليم دانش ۽ سهيل خانزاده.
سڄي ملڪ ۾ نظم و ضبط جي تقاضن تي جيڪڏهن ڪائي جماعت مڪمل طور تي پورو لهي ٿي ته اها ايم ڪيو ايم آهي.
ايم ڪيو ايم برهنگم ۽ بريڊ فورڊ يونٽن جي زير اهتمام الڳ الڳ افطار پارٽين کي خطاب.
لنڊن؛ 11 جولائي 2014
          ايم ڪيو ايم برطانيه جي آرگنائيزر ڊاڪٽر سليم دانش ۽ جوائنٽ انچارج سهيل خانزاده چيو آهي ته پاڪستان انتها پسند دهشت گردن جي دهشت گردي جي ڪري انتهائي نازڪ دور کان گذري رهيو آهي جڏهن ته ان ڏکئي وقت ۾ ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين پاڪ فوج سان يڪجهتي جو اظهار ڪري نه صرف فوج جي آفيسرن ۽ جوانن جي حوصله افزائي ڪئي آهي بلڪه ان عمل سان ثابت به ڪري چڏيو آهي ته ايم ڪيو ايم ڏکئي وقت ۾ پاڪ فوج سان گڏ آهي.انهن خيالن جو اظهار انهن ايم ڪيو ايم برهنگم ۽ بريڊ فورڊ يونٽن جي زير اهتمام الڳ الڳ افطار پارٽين سان خطاب ڪندي ڪيو.
افطار پارٽين ۾ يونٽن جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن ۽ اتي موجود پاڪستانين شرڪت ڪئي.انهن چيو ته سڄي ملڪ ۾ نظم و ضبط جي تقاضن تي جيڪڏهن ڪائي جماعت پورو لهي ٿي ته اها ايم ڪيو ايم آهي، جنهن رمضان شريف ۾ هڪ تاريخي جلسو منعقد ڪيو جنهن ۾ لکين ماڻهن هڪ ئي وقت وڏي نظم و ضبط سان روزو افطار ڪيو. اهڙي طرح ايم ڪيو ايم پنهنجي ئي ماضي جي ريڪارڊ کي ٽوڙي هڪ نئين تاريخ رقم ڪئي آهي. انهن چيو ته ملڪ کان جاگيرداراڻه ۽ وڏيراڻه نظام جي خاتمي جي لاءِ هڪ انقلاب جي ضرورت آهي جنهن جي لاءِ عوام کي ايم ڪيوايم جي جهنڊي هيٺان متحد ٿيڻو پوندو ۽ جناب الطاف حسين جي هٿن کي مظبوطي سان جهلي ڪري حق پرستانه جدوجهد ۾ شامل ٿيڻو پوندو. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم ملڪ کان فرسوده ۽ جاگيرداراڻه نظام جو خاتمو ڪرڻ چاهي ٿي اها ئي وجه آهي ته ان غريب ۽ وچولي طبقي سان تعلق رکڻ وارن تعليم يافته نوجوانن کي اليڪشن ۾ ڪامياب ڪرائي ايوانن ۾ موڪليو جيڪي ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. افطار پارٽي سان ايم ڪيو ايم برطانيه جي آرگنائيزنگ ڪميٽي جي ميمبرن هاشم اعظم، سهيل زيدي، منظور احمد ۽ محمد شفيق به خطاب ڪيو.

5/17/2024 12:03:30 AM