Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

معصوم ۽ بي گناھ فلسطيني عورتن، ٻارڙن، نوجوانن ۽ عوام جو قتل عام بند ڪرايو . ايم ڪيو ايم جي قائدجناب الطاف حسين جو اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل هان ڪي مون جي نالي ايس او ايس خط.


 Posted on: 7/12/2014
معصوم ۽ بي گناھ فلسطيني عورتن، ٻارڙن، نوجوانن ۽ عوام جو قتل عام بند ڪرايو . ايم ڪيو ايم جي قائدجناب الطاف حسين جو اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل هان ڪي مون جي نالي ايس او ايس خط.

فلسطيني علائقن ۾ ميزائلن ۽ ٻين خطرناڪ بمن جي مينهن کي فوري طور تي روڪرايو. جناب الطاف حسين جو بان کي مون کي خط.

انساني حقن جا علمبردار تمام اسلامي ۽ غير اسلامي ملڪَ فلسطيني علائقن تي اسرائيلي حملي جي خلاف ڀرپور انداز ۾ احتجاج  ڪن.جناب الطاف حسين.

لنڊن؛ 12 جولائي 2014

           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون جي نالي هڪ ايس او ايس خط لکيو آهي جنهن ۾ انهن کي دردمندانه اپيل ڪئي آهي ته اهي معصوم ۽ بي گناھ فلسطيني عورتن، ٻارڙن، نوجوانن ۽ عوام جو قتل عام بند ڪرائين ۽ بين الاقوامي اصولن جي تحت اسرائيل کي پابند ڪن ته اهي هوائي جهازن، ٽينڪن ۽ ٻين خطرناڪ هٿيارن جي ذريعي فلسطيني علائقن ۾ ميزائلن ۽ خطرناڪ بمن جي مينهن کي فوري طور تي روڪرائين ته جيئن فلسطيني عوام شهيد ٿيندڙن جي تدفين،زخمين جي سار سنڀال ۽ بي گهر ٿيندڙ ماڻهن جي سار سنڀال لهي سگهن ۽ انهن کي ضروري امداد فراهم ڪري سگهن.ان کان علاوه جناب الطاف حسين پنهنجي هڪ بيان ۾ انساني حقن جي علمبردار تمام اسلامي ۽ غير اسلامي ملڪن کان انسانيت جي نالي تي اپيل ڪئي آهي ته اهي فلسطيني علائقن تي اسرائيلي حملي جي خلاف ڀرپور انداز ۾ احتجاج ڪن ۽ تمام سفارتي ذريعا استعمال ڪندي اسرائيلي آفيسرن کي قائل ڪن ته اهي شڪايتن ۽ مسئلن جي حل جي لاءِ ڳالھ ٻولھ جو رستو اختيارڪن، ائين نه ٿئي جو ڪنهن به قسم جي شڪايت جو جواب بمباري ۽ گولي بارود سان ڏنو وڃي. جنهن جو نتيجو معصوم ۽ بي گناھ فلسطينن کي ڀوڳڻو پئي.جناب الطاف حسين اسرائيل جي بمباري جي نتيجي ۾ وڏي پيماني تي فلسطينن جي شهادت تي دلي صدمي ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي پونئرن ، زخمين ۽ بي گهر ٿيندڙ فلسطيني عوام سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو ۽ الله تعالٰي جي حضور دعا ڪئي ته الله تعالٰي فلسطيني عوام کي هر قسم جي مشڪلاتن کان نجات ڏياري ۽ انهن جي تمام جائز مطالبن کي پورو فرمائي.آمين

5/16/2024 9:57:39 PM