Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سنڌ ۾ 184 فائرٽينڊرز جي خريداري ۾ بي ضابطگي جي سبب 3.68 ارب روپين جي خساري تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.


 Posted on: 7/11/2014
سنڌ ۾ 184 فائرٽينڊرز جي خريداري ۾ بي ضابطگي جي سبب 3.68 ارب روپين جي خساري تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.
ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل پاڪستان جي طرفان به سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ کي لکيل خط ۾ شڪايتن جو اظهار ڪيو ويو آهي.
ڪراچي؛ 11 جولائي 2014
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي صوبي سنڌ ۾ 184 فائرٽينڊرز جي خريداري جي مد ۾ 6 ارب روپين جي ٽينڊرن ۾ اداري جي طرفان انتظامي بي ضابطگين جي سبب 3.68 ارب روپين جي خساري تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. رابطا ڪميٽي ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل جي چيئرمين سهيل سرفراز جي طرفان سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ ۽ ٻين حڪومتي ادارن جي عهديدارن جي نالي خط لکڻ جو حوالو ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومت جي طرفان اپريل 2014 ۾ ٽينڊر جي وصولي جي لاءِ درخواستون طلب ڪيون هيون جنهن ۾ خلاف ضابطه منظور نظر فرم کي وڌيڪ ٻولڏيڻ جي باوجود ٽينڊرَ ڪيا ويا جيڪي جو سنڌ پبلڪ پروڪيورمينٽ ريگيوليٽري اٿارٽي جي رولز جي به خلاف ورزي آهي. رابطا ڪميٽي چيف سيڪريٽري ، گورنمنيٽ سنڌ، چيئر مين نيب، سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ ، سنڌ پبلڪ پروڪيورمينٽ  ۽ ريگيوليٽري اٿارٽي ڪراچي جي مينيجنگ ڊائريڪٽر ۽ ٻين لاڳاپيل بالا آفيسرن کان مطالبو ڪيو آهي ته اهي فائرٽينڊرز ۾ ٿيندڙ بي ضابطگين ۽ مالي خساري جي متعلق ٽرانپرنسي انٽرنيشنل پاڪستان جي شڪايتن کي سنجيدگي سان وٺندي بي ضابطگين ۾ ملوث عناصر کي بي نقاب ڪري انهن جي خلاف قانوني ڪاروائي ڪن.

5/16/2024 9:57:52 PM