Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جيڪي ماڻهو صوبي جي تقسيم کي غداري سان تعبير ڪن ٿا اهي پنهنجي صوبي کي صوبو نه بلڪه پورو ملڪ سمجهن ٿا جيڪي پڻ غداري جي برابر آهي.رابطا ڪميٽي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.


 Posted on: 9/17/2014
جيڪي ماڻهو صوبي جي تقسيم کي غداري سان تعبير ڪن ٿا اهي پنهنجي صوبي کي صوبو نه بلڪه پورو ملڪ سمجهن ٿا جيڪي پڻ غداري جي برابر آهي.رابطا ڪميٽي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.
پنهنجي سالگره جي ڏينهن کي جناب الطاف حسين سيلاب متاثرن جي نالي ڪري ڇڏيو آهي.ڊاڪٽر فاروق ستار.
پاڪستان ۾ 20 صوبا بڻائڻ جي جناب الطاف حسين جي تجويز تي ڳالھ ڪئي وڃي.حيدرعباس رضوي.
سنڌ ۾ ڌاڙيلن جو راڄ آهي جيڪڏهن اردو ڳالهائڻ وارو سنڌي هجي ها ته اڄ سنڌ جي حالت اها نه هجي ها. اشفاق منگي.
جناح گرائونڊ ۾ جناب الطاف حسين جي 61 هين سالگره جي ميڙاڪي کي خطاب.
ڪراچي؛17 سيپٽمبر؛2014
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته گهٽ ۾ گهٽ پاڪستان ۾ 20 صوبا بڻايا وڃن ڇو ته جهڙي طرح ضلعا ۽ ڊويزنون انتظامي يونٽ آهن اهڙي طرح  صوبا به يونٽ آهن. جڏهن پاڪستان ۾ قائم چار صوبا ضلعا ۽ ڊويزنون وڌڻ سان تقسيم نه ٿياته صوبا بڻجڻ سان ملڪ ڪيئن تقسيم ٿي سگهي ٿو. انهن خيالن جو اظهار انهن جناح گرائونڊ ۾ جناب الطاف حسين جي 61 هين سالگره جي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪيو.انهن چيو ته پاڪستان ۾ جيڪا جمهوريت آهي اها مسئلن جو حل نه آهي ڇو ته ان جمهوريت جاگيرداراڻه نظام جي بدن کان جنم ورتو آهي ۽ آمريت جي گود ۾ پلي آهي. انهن چيو ته مسئله ڪشمير جو حل ٿيڻ ضروري آهي ،جاگيرداراڻه نظام جي هوندي پاڪستان اڳتي وڌي نه ٿو سگهي.ڇو ته اهو ٿي ئي نه ٿو سگهي ته جنهن ملڪ ۾ جمهوريت به هجي ۽ جاگيرداراڻه نظام به هجي ، جاگيرداراڻه نظام جمهوريت جي ضد آهي.ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته انساني جذبو رکڻ واري جناب الطاف حسين جي اها هدايت آهي ته اسان اڄ سموريون خوشيون ، تقريبون ۽ پروگرام پاڪستان جي حاليه سيلاب  متاثرن جي نالي ڪيون وڃن، انهن چيو ته جيڪڏهن پاڪستان ۾ ڪوئي غريبن جو قائد آهي ته اهو جناب الطاف حسين آهي.انهن چيو ته پاڪستان ۾ سچو انقلاب انهن جي هٿن سان ئي ايندو جيڪو پاڻ غريب خاندان سان تعلق رکندڙ هوندو.ان موقعي تي حيدرعباس رضوي چيو ته جناب الطاف حسين واضع لفظن ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۾ 20 صوبا بڻجڻ گهرجن.اشفاق منگي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جا نام نهاد وڏيرا ۽ جاگيردار جيڪڏهن ملڪ کي بچائڻ چاهين ٿا ته اهي انتظامي يونٽن جي قيام جي ضرورت کي محسوس ڪن.اڄ سنڌ جي اها صورتحال آهي جو اهو موئن جو دڙو بڻجي چڪو آهي، سنڌ ۾ ڌاڙيلن جو راڄ آهي جيڪڏهن اردو ڳالهائڻ وارو سنڌ جو وزير اعلٰي هجي ها ته اڄ سنڌ جي اها حالت نه هجي ها.ميڙاڪي کي ٻين رهنمائن به خطاب ڪيو.
*

7/18/2024 1:25:02 AM