Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سيلابي وهڪرن کان انساني جانين جي تحفظ جي لاءِ بغير ڪنهن دير جي ننڍا ننڍا ڊيم تعمير ڪيا وڃن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 9/16/2014
سيلابي وهڪرن کان انساني جانين جي تحفظ جي لاءِ بغير ڪنهن دير جي ننڍا ننڍا ڊيم تعمير ڪيا وڃن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
جيڪڏهن موجوده حڪومت ننڍن ڊيمن جو ڄار وڇائڻ کان قاصر آهي ته ايم ڪيو ايم جي ماهرن جون خدمتون حاصل ڪري سگهي ٿي.
ايم ڪيو ايم سنڌ جي عوام ۾ موجود تحفظن جي ڪري ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ڪندي رهي آهي.جناب الطاف حسين.
لنڊن؛16 سيپٽمبر؛2014
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين برساتي پاڻي جي ذخيرن ۽ سيلابي وهڪرن کان قيمتي انساني جانين جي تحفظ جي لاءِ ننڍن ننڍن ڊيمن جي تعمير تي زور ڏيندي فرمايو آهي ته ملڪ ۾ بغير ڪنهن دير جي ننڍن ننڍن ڊيمن جو ڄار وڇايو وڃي. ان سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم پنهنجن ماهرن جي غيرمشروط طور تي خدمتن جي پيشڪش ڪري ٿي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته سيلاب جي تباهي ڦيلائيندڙ واري صورتحال ملڪ جي وسيلن کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي، ملڪ ۾ برساتي پاڻي جي ذخيرن جا معقول انتظام نه هجڻ جي ڪري هڪ طرف طوفاني برساتن ۽ سيلاب سان قيمتي جاني و مالي نقصان ٿي رهيو آهي ۽ ٻئي طرف ملڪ جي معيشت به تباهي جو شڪار آهي. جناب الطاف حسين اختيار رکندڙ ڌرين، وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ انهن جي ڪابينا کي سيلاب جي تباھين کان بچائڻ جي لاءِ هڪ عملي حل پيش ڪندي فرمايو ته ملڪ ۾ ڊگهي مدت وارن ۽ وسيع منصوبن کي عارضي طور تي ملتوي ڪري هنگامي بنيادن تي ننڍن ننڍن ڊيمن جو ڄار وڇايو وڃي، ان ڪم ۾ بلڪل به دير نه ڪئي وڃي ۽ جيڪڏهن حڪومت سمجهي ٿي ته اها فوري طور تي ننڍن ننڍن ڊيمن جو ڄار وڇائڻ کان قاصر آهي ته هنگامي بنيادن تي ڊيمن جي تعمير جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي ماهرن جون خدمتون حاصل ڪري سگهي ٿي.جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان ۾ وڏن ڊيمن جي قيام جي مخالف نه آهي ۽ ان ڪالا باغ ڊيم جي قيام جي مخالفت،مخالفت برائي مخالفت جي بنياد تي نه ڪئي بلڪه ايم ڪيو ايم سنڌ جي عوام ۾ موجود تحفظن جي بنياد تي ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ڪندي رهي آهي.جيڪڏهن حڪومت ڪالاباغ ڊيم جي تعمير جي لاءِ سنڌ جي دانشورن ۽ ماهرن کي سڏائي ڪري انهن جي تحفظن کي دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ۽ ان منصوبي سان عوام کي ممڪنه طور تي پهچندڙ خطرن کان انهن کي مطمئن ڪري سگهي ٿي ته ان کي دير نه ڪرڻ گهرجي، نه ته پوءِ ٻئي صورت ۾ حڪومت کي ننڍن ڊيمن جي تعمير جو فوري طور تي آغاز ڪري ڇڏڻ گهرجي ۽ ان عمل سان ملڪ ۾ سيلاب جي صورتحال سان عوام جي جان و مال جي تحفظ ، برساتي پاڻي جي ذخيرن جي انتظامن ۽ ملڪي معيشت کي تحفظ ڏيئي سگهجي ٿو.

7/18/2024 1:14:19 AM