ايم ڪيو ايم برطانيه جي تحت لنڊن ۾ جناب الطاف حسين جي سالگره جي تقريب انتهائي سادگي سان ملهائي وئي.
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين تقريب ۾ خصوصي شرڪت ڪئي.
لنڊن؛ 17 سيپٽمبر؛2014
ايم ڪيو ايم برطانيه جي تحت قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي هدايت جي مطابق انهن جي 61 هين سالگره انتهائي سادگي سان ملهائي وئي.جنهن ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين خصوصي طور تي شرڪت ڪئي.تقريب ۾ ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي گهر واري شمائله عمران انهن جي ٻنهي ٻارڙن،رابطا ڪميٽي ۽ ٻين کان علاوه همدردن ۽ انهن جي گهر وارن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.جناب الطاف حسين جي ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ آمد تي ڪارڪنن وڏا نعرا هنيا ۽ تاڙين سان قائد تحريڪ جو خيرمقدم ڪيو.جناب الطاف حسين هڪ هڪ ڪري سڀني سان ڳالھ ٻولھ ڪئي ۽ انهن جي حق ۾ دعائون به ڪيون.ان کان پوءِ ذميوارن ۽ ڪارڪنن پاڪستان ۾ سيلاب متاثرن ۽ آئي ڊي پيز سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو ۽ ڪي ڪي ايف جي توسط سان متاثرن جي امداد جي لاءِ پنهنجا عطيا به جمع ڪرايا.