Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

هٿيار بند دهشت گردن جي فائرنگ سان ايم ڪيو ايم اورنگي ٽائون سيڪٽر جي ڪارڪن ۽ سابق حق پرست ڪائونسلر محمد رشيد ۽ انهن جي نوجوان پٽ محمد عادل جي وحشياڻي قتل تي جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.


 Posted on: 9/16/2014
هٿيار بند دهشت گردن جي فائرنگ سان ايم ڪيو ايم اورنگي ٽائون سيڪٽر جي ڪارڪن ۽ سابق حق پرست ڪائونسلر محمد رشيد ۽ انهن جي نوجوان پٽ محمد عادل جي وحشياڻي قتل تي جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.
لنڊن؛ 16 سيپٽمبر؛2014
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين اورنگي ٽائون ۾ دهشت گردن جي فائرنگ سان ايم ڪيو ايم اورنگي ٽائون سيڪٽر يونٽ 120 جي ڪارڪن و سابق حق پرست ڪائونسلر محمد رشيد ۽ انهن جي نوجوان پٽ محمد عادل جي وحشياڻي قتل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ قتل جي ان واقعي کي کليل دهشت گردي ۽ ڪراچي آپريشن جي ناڪامي قرار ڏنو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن فرمايو ته شهر ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ مختلف مسلڪن سان تعلق رکڻ اورن عالمن سڳورن ۽ پروفيشنلن کي لڳاتار قتل ڪيو پيو وڃي پر ان جي باوجود قانون نافذ وارن ادارن جي ڪارڪردگي افسوسناڪ ئي نه بلڪه انتهائي مايوس ڪن به آهي.انهن فرمايو ته شهر ۾ قتل و غارتگري ۾ ملوث دهشت گرد قانون جي گرفت کان آزاد آهن جنهن ڪراچي آپريشن جي ناڪامي کي ثابت ڪري ڇڏيو آهي . انهن فرمايو ته دهشت گردن پي ۽ پٽ کي جهڙي طرح سان شهيد ڪيو آهي اهو ان ڳالھ جو ثبوت آهي ته دهشت گرد نه صرف وحشي درندا آهن بلڪه پنهنجي پاڻ کي قانون جي گرفت کان به محفوظ تصور ڪن ٿا.انهن محمد رشيد شهيد ۽ محمد عادل شهيد جي سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. انهن وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخله چوڌري نثار علي خان، گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته سابق حق پرست ڪائونسلر محمد رشيد شهيد ۽ انهن جي پٽ محمد عادل شهيد جي وحشياڻي قتل ۾ ملوث دهشت گردن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي ۽ انهن کي سخت ترين سزا ڏني وڃي ۽ شهر ۾ قتل و غارتگري جي مسلسل وارداتن جو نوٽس وٺندي ان جي روڪٿام جي لاءِ ٺوس قدم کنيا وڃن.
 

7/18/2024 1:26:02 AM