Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اهڙي جمهوريت کي آمريت کان به بدتر قرار ڏيان ٿو جيڪا مڪاني ادارن کان سواءِ قائم ڪئي وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 9/17/2014
اهڙي جمهوريت کي آمريت کان به بدتر قرار ڏيان ٿو جيڪا مڪاني ادارن کان سواءِ قائم ڪئي وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
سپريم ڪورٽ جيلن ۾ عدالتون لڳائي ڪري اهڙن تمام قيدين کي رها ڪرائي جيڪي ڏوھن کان وڌيڪ سزا ڀوڳي چڪا آهن
صرف جنرل پرويز مشرف تي نه بلڪه سابق چيف جسٽس ۽ سابق آرمي چيف سميت جن جرنلن 12 آڪٽوبر 1999 تي ايمرجنسي لڳائي هئي انهن تي به آرٽيڪل 6 جي تحت مقدمو قائم ڪيو وڃي.
61 هين سالگره جي موقعي تي پاڪستان سميت سڄي دنيا جي 50 کان وڌيڪ هنڌن تي منعقد ٿيندڙ ميڙاڪن کي وڊيو لنڪ جي ذريعي هڪ ئي وقت خطاب.
لنڊن؛17 سيپٽمبر؛2014
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته مان اهڙي جمهوريت کي آمريت کان به بدتر قرار ڏيان ٿو جيڪا مڪاني نظام جي سسٽم کان سواءِ قائم ڪئي وڃي.سپريم ڪورٽ جيلن ۾ عدالتون لڳائي ڪري اهڙن تمام قيدين کي رها ڪرائي جيڪي پنهنجن ڏوهن کان وڌيڪ سزا ڀوڳي چڪا آهن.سانحه قصبه علي ڳڙھ ، سانحه پڪا قلعه ۽ سانحه حيدرآباد 30 سيپٽمبر جو تذڪرو نهڪرڻ واريون انساني حقن جون انجمنون جعلي آهن.ايم ڪيو ايم جي حڪومت آئي ته انهن انجمنن کي ٻاهرين ملڪن کان ملڻ وارا فنڊ بند ڪرايا ويندا.صرف پرويز مشرف تي نه بلڪه سابق چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ ۽ سابق آرمي چيف جنرل اشفاق پرويز ڪياني سميت جن جنرلن 12 آڪٽوبر 1999 تي ايمرجنسي لڳائي هئي انهن تي به آرٽيڪل 6 جي تحت مقدمو قائم ڪيو وڃي.انهن فرمايو ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم کي هڪ سال جي لاءِ حڪومت ڏني وڃي ته اسان قومي خزاني جي لٽ مار ڪرڻ وارن کي جهڳين ۾ منتقل ڪري ڇڏينداسين ۽ انهن جي محلن ۾ اسڪول، ڪاليج، اسپتال ۽ عورتن جي لاءِ ووڪيشنل سينٽر قائم ڪنداسين.انهن خيالن جو اظهار جناب الطاف حسين پنهنجي 61 هين سالگره جي موقعي تي پاڪستان سميت دنيا جي 50 کان وڌيڪ هنڌن تي منقعد ميڙاڪن سان ويڊيو لنڪ جي ذريعي هڪ ئي وقت خطاب ڪندي فرمايو.مرڪزي پروگرام جناح گرائونڊ عزيز آباد ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن، چونڊيل نمائندن، ذميوارن، ڪارڪنن ۽ همدردن کان علاوه مختلف مڪاتب فڪر سان تعلق رکڻ وارن عالمن سڳورن، معززن ۽ ڪارڪنن لکن جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.جناب الطاف حسين شرڪاء کي پنهنجي سالگره جي مبارڪباد ڏيندي  فرمايو ته الله تعالٰي جي فضل و ڪرم سان اوهان جو قائد پوري طرح صحتياب آهي.انهن نام نهاد جمهوريت پسندن ۽ دانشورن کي مخاطب ڪندي دريافت فرمايو ته انهن جي نظر ۾ جمهوريت جي تعريف ڇا آهي؟ جمهوريت جو مطلب عوام جي حڪومت عوام مان ۽ عوام جي لاءِ هوندو آهي، جمهوريت  جي اها هرگز به تعريف نه آهي ته خاندان جي حڪومت هجي.انهن فرمايو ته جهڙي طرح ڪوئي شاگرد پهرين ڪلاس کان وٺي ٻارهين ڪلاس پاس ڪرڻ کان سواءِ يونيورسٽي ۾ داخلا وٺي نه ٿو سگهي اهڙي طرح جمهوريت جون به مختلف منزلون هونديون آهن. پر نام نهاد جمهوريت پسندن جي جمهوريت سينيٽ، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي اليڪشن کان شروع ٿي ڪري اٿي ئي ختم ٿي وڃي ٿي . انهن پاڪستان جي دانشورن، ليکڪن ۽ جمهوريت جي علمبردار انجمنن کان سوال ڪيو ته هن مهل تائين پاڪستان ۾ جيتريون به سول حڪومتون قائم ٿيون آهن ڇا انهن جمهوريت جي نرسري کان تعليم حاصل ڪرڻ جو بندوبست ڪيو؟ ڇا انهنمڪاني اليڪشن ڪرايا.جناب الطاف حسين فرمايو ته مان اهڙي جمهوريت کي آمريت کان به بدتر قرار ڏيان ٿو جيڪا مڪاني سسٽم کان سواءِ هجي،انهن فرمايو ته اها حقيقت آهي ته پاڪستان ۾ پرائمري ڊيموڪريسي جي لاءِ جيترا به اليڪشن ٿيا اهي سڀ فوجي حڪومتن ڪرايا ۽ اسان کي مارشلا حڪومتن جي انهن سٺي ڪمن جي تعريف ڪرڻ گهرجي.نام نهاد جمهوريت ۾ خاندان جا تمام مٽ مائٽ اقتدار جا مزا لٽين ٿا جڏهن ته لوڪل باڊيز نظام خانداني ۽ شاهانه طرز حڪومت کان بلڪل مختلف هوندو آهي.انهن انساني حقن جي تنظيمن کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اهي پنهنجي اداري جي تاريخ ڪڍي ڪري ٻڌائين ته انهن جي ريڪارڊ ۾ سانحه قصبه علي ڳڙھ، سانحه پڪا قلعه ۽ سانحه حيدرآباد 30 سيپٽمبر جو ذڪر آهي؟جڏهن ته سانحه قصبه علي ڳڙھ جليانواله باغ جي سانحي کان به وڏو هو. انهن فرمايو ته نام نهاد انساني حقن جون اهي تنظيمون جعلي آهن ۽ جڏهن به ايم ڪيو ايم جي حڪومت آئي انهن تنظيمن کي ٻاهرين ملڪن کان ملندڙ فنڊ بند ڪرايا ويندا. انهن فرمايو ته سابق چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ ۽ عدليه جي بحالي جي تحريڪ هلائڻ وارين انجمنن ۽ وڪلا برادري کان پچيو وڃي ته هاڻي اهي ڪٿي غائب آهن.انهن انجمنن سابق صدر جنرل پرويز مشرف تي آرٽيڪل 6 جي تحت مقدمو هلائي قيد ڪري ڇڏيو جيڪو اڄ تائين مقدمو ڀوڳي رهيو آهي.هاڻي وڪلا تحريڪ ۽ انساني حقن جون تنظيمون سامهون اچي ڪري ڇو نه ٿيون چون ته صرف پرويز مشرف تي مقدمو نه هلايو وڃي بلڪه سابق چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ ۽ سابق آرمي چيف جنرل اشفاق پرويز ڪياني سميت جن جرنلن 12 آڪٽوبر 1999 تي ايمرجنسي لڳائي انهن تي به آرٽيڪل 6 جي تحت مقدمو هلايو وڃي  ۽ هڪ وسندي قائم ڪري انهن سڀني کي اتي رکيو وڃي.انهن وڌيڪ فرمايو ته هاڻي اهو موجوده عدالت جو اخلاقي فرض آهي ته اها پنهنجي ڌامن تي لڳل داغن کي صاف ڪري يا ته جنرل پرويز مشرف کي غير مشروط تي رها ڪرڻ جو اعلان ڪري يا پاڻ مرادو نوٽس وٺي 12 آڪٽوبر 1999 تي ايمرجنسي نافذ ڪرڻ ۾ جيڪي ملوث هئا انهن تمام جنرلن کي به گرفتار ڪيو وڃي.وڪلاء برادري ۽ انساني حقن جون انجمنون حق ۽ انصاف جي لاءِ سڀاڻي کان ئي جلسا ڪري پنهنجن گناهن کي ڌوئي وٺن نه ته آخرت ۾ انهن کي پنهنجي عملن جو حساب ڏيڻو پوندو.انهن جيلن ۾ سالن کان قيد قيدين جي حالت ۽ انصاف جي معيار جو تذڪرو ڪندي فرمايو ته سڄي ملڪ جي جيلن ۾ نه ڪيل گناهن ۽ ننڍن وڏن گناهن جي ڪري ماڻهو سالن کان قيد آهن. پيسا نه هئڻ جي ڪري نه ته انهن جا مقدما هلايا وڃن ٿا ۽ نه ئي انصاف فراهم ڪيو وڃي ٿو.انهن سپريم ڪورٽ تي زور ڏنو ته اها هيٺين سطح کان احتساب جو عمل شروع ڪري، لوئر ۽ سيشن ڪورٽ کان مظلوم قيدين کي انصاف فراهم ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪري، جيلن ۾ عدالتون لڳائي ڪري اهڙن تمام قيدين کي رها ڪرائي جيڪي پنهنجي ڏوھ کان وڌيڪ سزا ڀوڳي چڪا آهن ۽ حڪومت کي پابند ڪيو وڃي ته اها ڏوھ کان وڌيڪ سزا ڀوڳڻ وارن کي معاوضو ادا ڪري. جناب الطاف حسين فرمايو ته مان چوري ۽ ڪرپشن کان پاڪ معاشرو ڏسڻ چاهيان ٿو، ملڪ ۽ قوم کي ڪوڙن، بي ايمان ۽ ڌوڪي باز ماڻهن جيڪي سرڪاري خزاني کان اربين روپيا قرضَ وٺي ڪري  معاف ڪرائي هڙپ ڪرائڻ وارن جو نه بلڪه قرضَ وٺي ڪري قومي خزاني ۾ جمع ڪرائڻ وارن جو پاڪستان ڏسڻ چاهيان ٿو.جيڪڏهن ايم ڪيو ايم کي هڪ سال جي لاءِ حڪومت ڏني وڃي ته اسان قومي خزاني جي لٽ مار ڪندڙن کي جهڳين ۾ منقتل ڪندي ۽ انهن جي ۾محلن ۾ اسڪول ،ڪاليج، اسپتال ۽ عورتن جي لاءِ ووڪيشنل سينٽر قائم ڪندا سين.انهن عوام کي چيو ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم جي رهنمائن، چونڊيل نمائندن ۽ علاقائي ذميوارن ڪنهن سان بدتميزي ڪئي آهي ته مان انهن سڀني کان معافي جو طلبگار آهيان.انهن فرمايو ته ڪوئي به پيءُ پنهنجي اولاد کي غلط تعليم نه ڏيندو، جيڪڏهن اولاد  بگڙڻ لڳي ته والدين ان کي ڇنڊ پٽين ٿا، عاق ڪري ڇڏين ٿا جڏهن ته ايم ڪيو ايم ۾ ڪوئي تنظيمي نظم و ضبط ۽ منهنجي تعليمات جي خلاف ورزي ڪري ٿو ته ان کي تنظيمي طور تي معطل ڪيو وڃي ٿو ۽ جيڪڏهن شڪايت سنگين هجي ته ان جي بنيادي رڪنيت به ختم ڪئي وڃي ٿي.جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي رهنمائن ۽ چونڊيل نمائندن کي تاڪيد ڪئي ته اهي پنهنجي تڪ جي عوام سان خوش اخلاقي سان پيش اچن. پنهنجي سيڪيورٽي جي لاءِ حسب ضرورت گارڊَ رکن ۽ ان ڳالھ جو خيال رکن ته انهن جي گارڊن جو رويو عوام جي لاءِ تڪليف ڏيندڙ نه هجي.جناب الطاف حسين حڪومتن کان سوال ڪيو ته سيلاب ايندا رهن ٿا جن سان غريب ماڻهو مرن ٿا ۽ اربن ۽ کربن جو نقصان ٿئي ٿو.آخر سيلاب سان ٿيندڙ تباهي ۽ ماڻهن کي بچائڻ جو انتظام ڇو نه ٿو ڪيو وڃي؟ آخر پاڻي کي زخيرو ڪرڻ جي لاءِ هن مهل تائين ڊيم ڇو نه بڻايا ويا.چيو وڃي ٿو ته ڪوريا، چائنا ۽ جاپان کان بجلي خريد ڪئي ويندي.ڇو ته پاڪستان ۾ ڪجھ ماڻهو ڊيم نه ٿا بڻجڻ ڏين.انهن فرمايو ته جيڪڏهن ڪالاباغ ڊيم تي سنڌ جي ماڻهن کي اعتراض آهي ۽ سخت تحفظات آهن ته ڪالاباغ ڊيم بڻجڻ سان سنڌ بنجر ٿي ويندي ته ننڍا ڊيم بڻائڻ کان ڪنهن روڪيو آهي .يورپ ۾ وڃي ڪري ڏسو ته ننڍن ڊيمن ۽ پاڻي جي ريزر وائر جا ڄار وڇايل آهن.جيڪڏهن پاڪستان ۾ به ننڍا ننڍا ڊيم بڻايا وڃن ته پاڻي جو هڪ وڏو ذخيرو ٿي سگهي ٿو.بجلي به پيدا ٿي سگهي ٿي ۽ اسان کي ڪٿان به بجلي خريد ڪرڻ جي ضرورت نه رهندي.انهن فرمايو ته مان ڪيترائي ڀيرا چئي چڪو آهيان ته سنڌ جي دانشورن ۽ ماهرن کي گهرايو ۽ انهن کان پچو ته انهن کي ڪالا باغ ڊيم تي ڪهڙا اعتراض آهن ۽ پاڻ ۾ بحث و مباحثو ڪري ۽ دليلن جي ذريعي انهن جي راءِ وٺو ۽ وچ جو ڪوئي اهڙو رستو ڪڍو جو سنڌ جي عوام جا تحفظات به دور ٿي وڃن ۽ مسئلو به حل ٿي وڃي.انهن صوبن جي حوالي سان پنهنجي ڳالھ کي ورجائيندي چيو ته اها وقت جي آواز آهي ۽ ان کي ڪنهن به صورت ۾ نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي.انهن فرمايو ته گذريل دور حڪومت ۾ پي پي قومي اسيمبلي ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ جنوبي پنجاب صوبي جي قرارداد پيش ڪئي اڄ پي پي جي قيادت چوي ٿي ته اسان نوان صوبا ۽ انتظامي يونٽ نه بڻجڻ ڏينداسين.انهن فرمايو ته مخالفت ڪرڻ وارا ڪيتري ئي مخالفت ڪري وٺن پر سرائيڪي صوبو به ٺهندو ، هزاره صوبو به ٺهندو ۽ ٻيا نوان صوبا به ٺهندا.انهن فرمايو ته جيڪي سنڌي قوم پرست نون صوبن جي قيام جي معاملي تي روز روز مهاجرن جي خلاف زهر اڳرين ٿا ۽ نفرتون ڦيلائن ٿا ان کي ڏسي ڪري مون کي ائين لڳي ٿو ته اهي قوم پرست مهاجر صوبو ٺهرائي ڪري ئي دم وٺندا.انهن فرمايو ته مان موجوده حڪومت ۽ ايندڙ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وزيرن کي چوان ٿو ته اهو سلسلو ختم ٿيڻ گهرجي ته ساڻ سو سو گاڏيون هونديون ته اهي گهر کان نڪرندا ۽ نه ته نه نڪرندا،جيڪڏهن اوهان کي وزير اعظم ۽ وزير اعلٰي ٿيڻ جو شوق آهي ته پنهنجي اندر ايتري همت ۽ جرت به پيدا ڪريو.انهن فرمايو ته ملڪ جو ڪيترو پيسو ان وي وي آئي پي ڪلچر جي تحفظ جي لاءِ خرچ ٿي وڃي ٿو.برطانيه جو وزير اعظم ٽرين ۾ سفر ڪري وٺي ٿو ، هڪ گاڏي ۾ سفر ڪري ٿو پر اسان وٽ وزير اعظم سان گڏ سو سو گاڏين جو قافلو هلي ٿو، اهو غريب ملڪ آهي ۽ ان وي وي آئي پي ڪلچر کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي.انهن نوجوانن کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اوهان ان وي وي آئي پي ڪلچر جي خلاف اٿي کڙا ٿيو ۽ ان جي خلاف هر فورم تي ان زور سان آواز اٿاريو جو اهي ماڻهو پاڻ کي وي وي آئي پي چورائڻ ڇڏي ڏين.جناب الطاف حسين وزير اعظم ۽ انهن جي ڪابينا کي مخاطب ڪندي فرمايو ته پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراھ علامه طاهر القادري ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراھ جا گهڻا ئي مطالبا جائز آهن.انهن کي قبول ڪري وٺو ته جيئن اهي ڌرڻا ختم ٿين،ڌرڻن ۾ شريڪ ماڻهو گهرن ڏانهن وڃن ۽ ملڪ جو ڦيٿو هلي ۽ اوهان به سڪون سان حڪومت ڪري سگهو. انهن فرمايو ته انشاء الله تعالٰي سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ خيبرپختونخواھ جي غريب عوام کي ايم ڪيو ايم ئي حق ڏياريندي. انهن پاڪستان جي عوام کي چيو ته اهي سيلاب زدگان جي امداد جي لاءِ وڌ کان وڌ عطيات ڏين.
 

7/18/2024 1:18:51 AM