ڪارڪنَ پنهنجي سهڻي اخلاق سان جناب الطاف حسين جي پيغام کي ملڪ جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ ڦيلائن. رابطا ڪميٽي ميمبر سيد شاڪر علي.
ايم ڪيو ايم ڪراچي مضافاتي آرگنائزنگ ڪميٽي جي تحت ڪارڪنن جي تربيتي اجلاس کي خطاب.
ڪراچي؛18 سيپٽمبر؛2014
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر سيد شاڪر علي ڪراچي مضافاتي آرگنائزنگ ڪميٽي جي زير اهتمام گوٺ خواستي بروهي، خالد ڪالوني ۽ عزيز آباد ڀنگوريه جي ڳوٺن جي تربيتي اجلاسن کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جي قيام کي 67 سال ٿي چڪا آهن پر اڄ تائين ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت نافذ ئي نه ٿي سگهي آهي ۽ نه ملڪ جي غريبن کي انهن جا حق مليا آهن. انهن چيو ته جناب الطاف حسين ملڪ ۾ جمهوريت کي ان جي اصل روح جي مطابق نافذ ڪرڻ چاهين ٿا. انهن ڪارڪنن کي جناب الطاف حسين جو پيغام پهچائيندي چيو ته اهي پنهنجي اخلاق ۽ ڪردار کي بهتر ڪن ۽ عوام سان سهڻي نموني سان پيش اچن ۽ جناب الطاف حسين جي پيغام کي ملڪ جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ ڦيلائين.