Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سنڌ جي اهم ادارن جي ڀرتين ۾ ڪراچي جي اردو ڳالهائڻ وارن کي نظر انداز ڪرڻ تنگ نظري آهي. سنڌ اسيمبلي جا حق پرست ميمبرَ.


 Posted on: 9/18/2014
سنڌ جي اهم ادارن جي ڀرتين ۾ ڪراچي جي اردو ڳالهائڻ وارن کي نظر انداز ڪرڻ تنگ نظري آهي. سنڌ اسيمبلي جا حق پرست ميمبرَ.
ڪراچي؛ 18 سيپٽمبر؛2014
            سنڌ اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن سنڌ جي اهم ادارن جي ڀرتين ۾ ڪراچي سان تعلق رکندڙ اردو ڳالهائڻ وارن تعليم يافته ماڻهن کي نظر انداز ڪرڻ تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ ان کي ڪراچي جي عوام سان تنگ نظري قرار ڏنو آهي.پنهنجي هڪ گڏيل بيان ۾انهن چيو ته گذريل ڏينهن ۾ سنڌ حڪومت جي طرفان هڪ اهم اداري نيشنل اڪائونٽبلٽي بيورو(نيب) ۾ تقريبن 250 کان وڌيڪ ماڻهن کي ڀرتي ڪيو ويو آهي پر ان ۾ ڪراچي جي اردو ڳالهائڻ وارن تعليم يافته نوجوانن کي مڪمل طور تي نظر انداز ڪري سنڌ جي ٻين علائقن جي ماڻهن کي ڀرتي ڪيو ويو آهي.جيڪو سراسر ميرٽ جو قتل عام آهي.انهن وزير اعظم ميان نواز شريف، گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته اهي پاڪستان جي ترقي ۾ ڪراچي جي عوام جي واضع ڪردار کي مد نظر رکندي شهر جي عوام کي معاشي طور تي غير مستحڪم ڪرڻ ۽ روزگار جي فراهمي ۾ انهن سان ناانصافي ڪرڻ جي عمل کي فوري طور تي روڪرائين.

7/18/2024 1:20:40 AM