Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

تحريڪ صوبي هزاره جي قائد بابا حيدر زمان جو ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين کي فون.پاڪستان ۾ نون صوبن جي قيام جي مطالبي جي ڀرپور حمايت.


 Posted on: 9/16/2014
تحريڪ صوبي هزاره جي قائد بابا حيدر زمان جو ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين کي فون.پاڪستان ۾ نون صوبن جي قيام جي مطالبي جي ڀرپور حمايت.
لنڊن؛16 سيپٽمبر؛2014
           تحريڪ صوبا هزاره جي قائد بابا حيدر زمان ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين سان ٽيليفون تي ڳالھ ٻولھ ڪئي ۽ پاڪستان ۾ نون صوبن جي قيام جي مطالبي جي ڀرپور حمايت ڪئي.بابا حيدر زمان جناب الطاف حسين سان ڳالھ ٻولھ ڪندي ان ڳالھ سان مڪمل اتفاق ڪيو ته پاڪستان جي تمام پاڙيسري ملڪن ۽ سڄي دنيا جي ملڪن نوان نوان صوبا ۽ انتظامي يونٽ بڻايا آهن پر 67 سال گذرڻ جي باوجود پاڪستان جا فقط چار صوبا آهن جڏهن ته ان جي آبادي 20 ڪروڙن کان به وڌيڪ ٿي چڪي آهي.بابا حيدر زمان چيو ته هزاره جا عوام به ڪيترن ئي سالن کان هزاره صوبي جي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن، ان ڏوھ ۾ هزاره برادري جا 7 ماڻهو شهيد ۽ 80 زخمي به ڪيا ويا هئا پر اڄ تائين اسان کي انصاف نه مليو آهي.بابا حيدر زمان چيو ته هزاره برادري ايم ڪيو ايم جي قيادت جي مشڪور آهي جو انهن ان کان پهرين به هزاره صوبي جي ڀرپور حمايت ڪئي هئي ۽ ان جي لاءِ اسيمبلي ۾ قرارداد به پيش ڪئي ۽ هاڻي به اها مظلومن جي حقن جي ڳالھ ڪري رهي آهي. بابا حيدرزمان چيو ته ملڪ ۾ نون صوبن جو قيام وقت جي اهم ترين ضرورت آهي ۽ اسان اوهان جي موقف جي ڀرپور حمايت ڪريون ٿا، انشاء الله تعالٰي  اڄ نه ته ڪالھ پاڪستان ۾ نوان صوبا ضرور ٺهندا.جناب الطاف حسين بابا حيدرزمان سان ڳالھ ٻولھ ڪندي فرمايو ته ايم ڪيو ايم هزاره وال ڀائرن جي حقن جي مڪمل حمايت ڪري ٿي، ايم ڪيو ايم هزاره صوبي جي قرارداد به قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪئي هئي ۽ اها حقن جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ آهي. انهن فرمايو ته اسان هزاره برادري سان ڪئي ويندڙ زيادتين جي مذمت ڪريون ٿا. اسان هميشه هر مظلوم تي ڪيل ظلمن تي آواز اٿاري آهي ۽ جيستائين منهنجي جسم ۾ جان آهي اسان مظلومن جي حقن جي لاءِ آواز بلند ڪندا رهنداسين.

7/18/2024 1:26:56 AM