پيپلز پارٽي جي رهنما سينيٽر رحمٰن ملڪ جو ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين سان ٽيليفون تي رابطو.
سينيٽر رحمٰن ملڪ جناب الطاف حسين کي سالگره جي دلي مبارڪباد پيش ڪئي.
لنڊن؛18 سيپٽمبر؛2014
پيپلز پارٽي جي رهنما سينيٽر رحمٰن ملڪ ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين کي ٽيليفون ڪري انهن جي 61 هين سالگره جي دلي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ انهن جي صحت و تندرستي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.ڳالھ ٻولھ جي دوران ملڪ جي مجموعي سياسي ۽ معاشي صورتحال، سيلاب جي تباهين، حڪومت ۽ ڌرڻا ڏيڻ وارين جماعتن جي وچ ۾ ڳالهيون ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٽ ڪئي وئي.جناب الطاف حسين رحمٰن ملڪ کان پي آئي اي جي جهاز ۾ پيش آيل واقعي جون تفصيلات به معلوم ڪيون. رحمٰن ملڪ جناب الطاف حسين کي ٻڌايو ته پي آئي اي جي فلائيٽ ليٽ ٿيڻ ۾ مون کي بغير ڪنهن سبب جي ملوث ڪري بدنام ڪيو پيو وڃي ۽ جيڪي ماڻهو ان ۾ ملوث آهن اهي منهنجي خلاف سازشون ڪري رهيا آهن.