Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام شهيد انقلاب ڊاڪٽر عمران فاروق جي چوٿين ورسي انتهائي عقيدت و احترام سان نائن زيرو سميت پوري ملڪ ۾ ايم ڪيو ايم جي آفيسن ۾ ملهائي وئي.


 Posted on: 9/16/2014
متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام شهيد انقلاب ڊاڪٽر عمران فاروق جي چوٿين ورسي انتهائي عقيدت و احترام سان نائن زيرو سميت پوري ملڪ ۾ ايم ڪيو ايم جي آفيسن ۾ ملهائي وئي.
ڪراچي؛16 سيپٽمبر؛2014
            متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر شهيد انقلاب ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي چوٿين ورسي وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي.ان سلسلي ۾ مرڪزي پروگرام نائن زيرو تي لعل قلعه گرائونڊ ۾ منعقد ٿيو. جنهن ۾ رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينرن، رابطا ڪميٽي ميمبرن، حق پرست وزيرن، سينيٽرن، ايم اين ايز ، ايم پي ايز، ذميوارن ۽ ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي مولانا اسد ديوبندي وڏي خشوع و خضوع سان دعا ڪرائي جنهن ۾شهيد انقلاب ڊاڪٽر عمران فاروق سميت ٻين حق پرست شهيدن جي مغفرت، انهن جي درجات جي بلندي،لاپتا ڪارڪنن جي حفاظت سان واپسي، اسيرن جي رهائي، ايم ڪيو ايم جي ڪاميابي ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي صحت و تندرستي ۽ وڏي عمر جي لاءِ دعائون ڪيون ويون.ڪراچي کان علاوه اندرون سنڌ جي تمام زونن، پنجاب ،خيبرپختونخواھ ۽ بلوچستان جي تمام زونن ۾ به قرآن خواني ۽ فاتحه خواني ڪئي وئي ۽ ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد سميت تمام شهيدن جي لاءِ دعائون ڪيون ويون.ان کان علاوه رابطا ڪميٽي ميمبرن ڊاڪٽر فاروق ستار، عبدالحسيب ۽ ٻين ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي والد سان گڏجي شهداء قبرستان ۾ ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد سميت ٻين شهيدن جي قبرن تي حاضري ڏني ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان انهن جي قبرن تي چادر چڙهائي ۽ فاتحه خواني ڪئي.ان کان پوءِ رابطا ڪميٽي ميمبرن ڊاڪٽر فاروق ستار، عبدالحسيب ۽ ٻين ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي گهر وڃي ڪري انهن جي والدين ۽ ٻين سوگوارن سان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان تعزيت ڪئي ۽ شهيد جي بلند درجات جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي.

7/18/2024 1:30:55 AM