Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي يونيورسٽي اسلامڪ اسٽڊيز جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر تشڪيل احمد اوج جي وحشياڻي قتل تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.


 Posted on: 9/18/2014
ڪراچي يونيورسٽي اسلامڪ اسٽڊيز جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر تشڪيل احمد اوج جي وحشياڻي قتل تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.
دهشت گردن پروفيسر ڊاڪٽر تشڪيل احمد اوج کي قتل ڪري قوم کي هڪ ٻئي مذهبي  ۽ علمي شخصيت کان محروم ڪري ڇڏيو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛18 سيپٽمبر؛2014
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين گلشن اقبال ۾ هٿيار بند دهشت گردن جي فائرنگ سان ڪراچي يونيورسٽي جي اسلامڪ اسٽڊيز جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر تشڪيل احمد اوج جي وحشياڻي قتل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ فرمايو آهي ته دهشت گردن پروفيسر کي قتل ڪري قوم کي هڪ ٻئي مذهبي ۽ علمي شخصيت کان محروم ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته ڪراچي ۾ گذريل ڪيترن ئي مهينن کان دهشت گرد پروفيشنل ماڻهن کي چونڊي چونڊي قتل ڪري رهيا آهن ۽ جڏهن ته فرقي وارانه بنياد تي قتل و غارتگري جو سلسلو به جاري آهي پر ان قتل عام کي روڪڻ جي لاءِ ڪي به قدمَ نه پيا کنياوڃن ۽ ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته شهر کي دهشت گردن جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ڏنو ويو آهي.انهن فرمايو ته جيڪڏهن ڪراچي آپريشن جي دوران ڏوهاري دهشت گردن جي خلاف ٺوس ڪاروائي ڪئي وڃي ها ته اڄ  اها ٽارگيٽ ڪلنگ نه ٿئي ها.انهن چيو ته پروفيسر ڊاڪٽر تشڪيل احمد جي وحشياڻي قتل جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي.انهن فرمايو ته پروفيسر جي قتل تي مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي مرحوم کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين.جناب الطاف حسين وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخله چوڌري نثار علي خان،گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته اهي مرحوم پروفيسر جي قتل ۾ ملوث دهشت گردن کي فوري طور تي گرفتار ڪن ۽ انهن کي سخت ترين سزا ڏني وڃي.

7/18/2024 1:20:00 AM