Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

صوبي سنڌ ۾ نون انتظامي يونٽن جي قيام جي مخالفت ڪرڻ انتهائي قابل مذمت آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 9/19/2014
صوبي سنڌ ۾ نون انتظامي يونٽن جي قيام جي مخالفت ڪرڻ  انتهائي قابل مذمت آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
جيستائين منهنجي جسم ۾ ساھ آهي مان اردو ڳالهائڻ وارن سان گڏو گڏ سڄي ملڪ جي مظلومن جي حقن جي لاءِ جدوجهد ڪندو رهندس.
اسان وڏيرن ۽ جاگيردارن جي ظلمن کان نجات حاصل ڪرڻ جي لاءِ پرامن جمهوري جدوجهد ڪري رهيا آهيون.
اسان آزاد وطن ۾ نه ته ڪنهن جا آقا بڻجڻ چاهيون ٿا ۽ نه ئي اسان کي وڏيرن ۽ جاگيردارن جو غلام بڻجڻ قبول آهي.
ڪراچي ۽ مختلف شهرن سان تعلق رکڻ وارن بزرگن، عورتن، نوجوانن ۽ شاگردن جي وفد سان فون تي ڳالھ ٻولھ.
لنڊن؛ 19 سيپٽمبر؛2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ايم ڪيو ايم مظلومن جي آئيني، قانوني ۽ جمهوري  حقن جي جدوجهد ۾ ڪنهن به قسم جي سودي بازي نه ڪندي ۽ جيستائين منهنجي جسم ۾ ساھ باقي آهي مان اردو ڳالهائڻ وارن سان گڏو گڏ سڄي ملڪ جي مظلومن جي حقن جي لاءِجدوجهد ڪندو رهندس.اها ڳالھ انهن ڪراچي ۽ سنڌ جي مختلف شهرن سان تعلق رکڻ وارن شاگردن، استادن ۽ زندگي جي ٻين شعبن سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن جي وفد سان فون تي ڳالھ ٻولھ ڪندي فرمائي.وفد ۾ شامل بزرگن، عورتن، نوجوانن ۽ شاگردن جناب الطاف حسين کي پاڪستان تحريڪ انصاف جي رهنمائن جي طرفان پاڪستان ۾ نون صوبن جي قيام جي حمايت ۽ صوبي سنڌ ۾ نون صوبن جي قيام جي مخالفت ڪرڻ تي سنڌ جي شهري عوام ۾ پائي ويندڙ ڪاوڙ کان آگاھ ڪندي چيو ته تحريڪ انصاف جي رهنمائن جي اشتعال انگيز بيانن سان سنڌ جي شهري علائقن جي عوام جا جذبا بري طرح سان مجروح ٿيا آهن ۽ اهي انهن اشتعال انگيز بيانن تي سخت احتجاج جو حق رکن ٿا.جناب الطاف حسين فرمايو ته مان هميشه قومي يڪجهتي، تمام قومن جي وچ ۾ اتحاد و ڀائيچاري، فرقي وارانه هم آهنگي ۽ مذهبي رواداري جو درس ڏنو آهي ۽ منهنجي دلي خواهش آهي ته پاڪستان جي ٻه سيڪڙو مراعات يافته طبقي جي حڪمراني جو خاتمو ٿئي ۽ سڄي ملڪ ۾ 98 سيڪڙو غريب ۽ وچولي طبقي جي حڪمراني قائم ٿئي.انهن فرمايو ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ملڪ ۾ انتظامي بنيادن تي نون صوبن جو قيام وقت جي اهم ضرورت آهي.جيڪي ماڻهو ملڪ جي ٻين حصن ۾ ته نون صوبن جي قيام جي حمايت ڪري رهيا آهن پر سنڌ ۾ ڪنهن به قسم جي تقسيم يا انتظامي بنيادن تي يونٽ َ بڻائڻ جي مخالفت ڪري رهيا آهن اها ڳالھ يقينن نفرت انگيز آهي.جيڪڏهن باقي بچيل پاڪستان ۾ نون صوبن يا انتظامي يونٽن جو قيام عمل ۾ آڻي سگهجي ٿو ته اهو عمل سنڌ ۾ ڇو نه ٿو ڪري سگهجي.سنڌ ۾ نون انتظامي يونٽن جي قيام جي مخالفت ڪرڻ انتهائي قابل مذمت آهي.جناب الطاف حسين فرمايو ته اسان بانيان پاڪستان جون اولادون آهيون، اسان جي ابن ڏاڏن آزاد وطن جي قيام جي لاءِ لکين جانين جا نذرانا پيش ڪيا ۽ پاڪستان کي آزاد وطن بڻايو، اسان ان آزاد وطن ۾ نه ته ڪنهن جا آقا بڻجڻ چاهيون ٿا ۽ نه ئي اسان کي جاگيردارن ۽ وڏيرن جو غلام بڻجڻ قبول آهي.اسان پڪو پھ ڪري ورتو آهي ته اسان عزت جي زندگي جي لاءِ پنهنجيون جانيون ته قربان ڪري سگهون ٿا پر غلامي جي ذلت واري زندگي ڪنهن به طرح قبول نه آهي.ڪنهن کي به اهو حق حاصل نه آهي  ته اهو ڪنهن طبقي جي بي عزتي ڪري يا ان کي پنهنجو غلام تصور ڪري.جيڪڏهن ڪوئي اهڙو ڪري ٿو ته مظلوم عوام کي آئيني ، قانوني ۽ جمهوري حق حاصل آهي ته اهي پنهنجي عزت ، وقار۽ حقن جي لاءِ اتحاد ۽ ڀائيچاري جو مظاهرو ڪن ۽ منظم ٿي ڪري جدوجهد ڪن.جناب  الطاف حسين فرمايو ته انساني حقن جي تنظيمن ۽ نام نهاد جمهوريت پسند جماعتن کي سنڌ جي شهري علائقن جي عوام تي ڪيل ظلمن ۽ انهن جا حق ڇڻڻ جو عمل ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي. ملڪ ۾ جاگيردارن ۽ وڏيرن پنهنجيون پنهنجيون جيلون قائم ڪري رکيون آهن جن جون خبرون روز ميڊيا تي اچن ٿيون. پر ڪنهن به طرفان انهن وحشي جاگيردارن ۽ وڏيرن جي مذمت نه ڪئي وئي.جناب الطاف حسين فرمايو ته ماضي ۾ رياستي طاقت جو ناجائز استعمال ڪري ايم ڪيو ايم کي هن ڌرتي تان مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ مهاجر قوم جي خلاف رياستي آپريشن ڪيو ويو. ان وقت جي چيف آف آرمي اسٽاف اهو دعوٰي ڪيو هو ته الطاف حسين جو چيپٽر ڪلوز ٿي ويو پر دنيا ڏٺو ته منهنجي بجاءِ انهن جو ئي چيپٽر ڪلوز ٿي ويو. الله تعالٰي مون کي مظلوم عوام جي قيادت جي لاءِ چونڊيو آهي ۽ جيستائين الله تعالٰي نه چاهيندو ته دنيا جي ڪائي به طاقت نه ته منهنجو چيپٽر ڪلوز ڪري سگهي ٿي ۽ نه ئي ايم ڪيو ايم کي ختم ڪري سگهي ٿي.انهن فرمايو ته اسان محروم ۽ مظلوم عوام جي حقن جي لاءِ پرامن جمهوري جدوجهد ڪري رهيا آهيون.اسان پنهنجيون جانيون ته قربان ڪري چڏينداسين پر ڪنهن باطل قوت جي اڳيان پنهنجو سر نه جهڪائينداسين.جيستائين هڪ به حق پرست زنده آهي ظلم ۽ ناانصافين جي خلاف اسان جي پرامن جدوجهد جاري رهندي.جناب الطاف حسين ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين شهري علائقن سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن تي زور ڏنو ته اهي ماضي وانگر متحد ۽ منظم رهن ۽ پنهنجين صفن ۾ اتحاد برقرار رکن ۽ ايندڙ نسلن جي بهتر مستقبل جي لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکن. انشاء الله تعالٰي فتح حق پرستن جي ئي ٿيندي.

7/18/2024 1:24:42 AM