عزيز ڀٽي ٿاڻي ۾ پوليس جي وحشياڻي تشدد سان ماورائي عدالت قتل ڪيل ايم ڪيو ايم بلديه ٽائون سيڪٽر جي ڪارڪن وسيم دهلوي کي بلديه ٽائون جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
ڪراچي؛ 3 جون 2015
عزيز ڀٽي ٿاڻي ۾ وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائي ڪري ماورائي عدالت قتل ڪيل ايم ڪيو ايم بلديه ٽائون سيڪٽر يونٽ 117 جي ڪارڪن وسيم دهلوي شهيد کي بلديه ٽائون جي مواڇ ڳوٺ قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. ان کان اڳ شهيد جي جنازي نماز بلديه ٽائون جامع مسجد نمبر 3 ۾ ادا ڪئي، جنهن ۾ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن اسلم آفريدي، شبير احمد قائم خاني، حق پرست اسيمبلي ميمبرن، سيڪٽر ۽ يونٽ ڪميٽي جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان کان پوءِ شهيد جي بلند درجات، انهن جي مغفرت ۽ ايم ڪيو ايم جي سمورن شهيدن جي مغفرت جي لاءِ دعا به ڪئي وئي .