Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

وسيم دهلوي شهيد جو پوليس جي حراست ۾ وحشياڻو قتل ڪارڪنن تي ظلم و ستم جي سلسلي جي ڪڙي آهي. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي. لال قلعه گرائونڊ ۾ قرآن خواني کان پوءِ پريس بريفنگ.


وسيم دهلوي شهيد جو پوليس جي حراست ۾ وحشياڻو قتل ڪارڪنن تي ظلم و ستم جي سلسلي جي ڪڙي آهي. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي. لال قلعه گرائونڊ ۾ قرآن خواني کان پوءِ پريس بريفنگ.
 Posted on: 6/4/2015 1
وسيم دهلوي شهيد جو پوليس جي حراست ۾ وحشياڻو قتل ڪارڪنن تي ظلم و ستم جي سلسلي جي ڪڙي آهي. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.
لال قلعه گرائونڊ ۾ قرآن خواني کان پوءِ پريس بريفنگ.
ڪراچي؛ 4 جون 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته وسيم دهلوي شهيد تي پوليس جي حراست جي دوران وحشياڻو تشدد ٻن ڏهاڪن کان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي ماورائي عدالت قتل، غير قانوني گرفتارين ۽ ٻين ظلمن جي هڪ ڪڙي آهي. ڪراچي ۾ سنڌ پوليس جي آفيسرن پنهنجا ذاتي ڊيٿ اسڪواڊ بڻائي ڇڏيا آهن. جيڪي ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ عام شهرين کي بغير ڪنهن جواز جي گرفتار ڪري انهن کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائن ٿا ۽ رهائي جي بدلي انهن جي گهر وارن کان ڪروڙين روپيا به وصول ڪن ٿا. انهن خيالن جو اظهار انهن لال قلعه گرائونڊ ۾ قرآن خواني کان پوءِ پريس بريفنگ ڏيندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جا ميمبر به انهن سان گڏ هئا.ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته حاليه ڪراچي آپريشن ۾ ايم ڪيو ايم جي 40 ڪارڪنن کي ماورائي عدالت قتل ڪيو ويو آهي جڏهن ته 92 ڪارڪنن کي غير قانوني طريقي سان گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ اڄ تائين انهن جو ڪو به ڏس پتو نه آهي. انهن چيو ته ڪراچي کي مني پاڪستان چيو وڃي ٿو ۽ سڄي ملڪ جا ماڻهو هن شهر ۾ رهن ٿا پر آپريشن صرف اردو ڳالهائڻ وارن ۽ ايم ڪيو ايم جي خلاف ڪيو پيو وڃي ته ڇا ڏوھ ڪرڻ وارا صرف اردو ڳالهائڻ وارا ۽ ايم ڪيو ايم آهي. انهن چيو ته ڪراچي پوليس جڏهن سانحه صفورا جي ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ته جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم ان پوليس جي تعريف به ڪئي آهي. انهن مطالبو ڪيو ته سپريم ڪورٽ جي حاضر سروس ججن تي ٻڌل هڪ ڪميشن تشڪيل ڏنو وڃي ته جيئن ايم ڪيو ايم جي لاپتا ڪارڪنن سميت عام شهرين جيڪي سنڌ پوليس جي تعصب جو شڪار ٿيا آهن انهن کي انصاف ملي سگهي. انهن چيو ته حڪمران اسان جي دانهن جو نوٽس وٺن ۽ ڪراچي جي شهرين سان ظلم جو سلسلو بند ڪن ڪٿي ائين نه ٿئي جو ڪراچي جي شهرين جي صبر جو پيمانو لبريز ٿي وڃي ۽ اهي جناب الطاف حسين جي امن ۽ محبت جي فلسفي تي به عمل ڪرڻ ڇڏي ڏين. انهن يوم سوگ جي موقعي تي ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ يوم سوڳ ۾ شريڪ ٿيندڙ واپارين ۽ عوام جو شڪريو به ادا ڪيو. 

7/17/2024 11:11:18 AM