Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

وزير اعلٰي سنڌ وسيم دهلوي جي ماورائي عدالت قتل ۾ ملوث پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي گرفتار ڪري قانون جي مطابق سزا ڇو نه ڏني؟ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


وزير اعلٰي سنڌ وسيم دهلوي جي ماورائي عدالت قتل ۾ ملوث پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي گرفتار ڪري قانون جي مطابق سزا ڇو نه ڏني؟ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 6/4/2015 1
وزير اعلٰي سنڌ وسيم دهلوي جي ماورائي عدالت قتل ۾ ملوث پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي گرفتار ڪري قانون جي مطابق سزا ڇو نه ڏني؟ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
وزير اعظم ميان نواز شريف کي به وسيم دهلوي شهيد ۽ ٻين بي گناھ ڪارڪنن جي ماورائي عدالت قتل جو حساب ڏيڻو پوندو.
عامر خان جي خلاف مقدمي مان ثابت ٿي ويو آهي ته رينجر جي آفيسر قوم سان ڪوڙ ڳالهايو هو.
اسان تمام تر ظلمن ۽ ڏاڍ جي باوجود پنهنجي جدوجهد جاري رکنداسين.
نائن زيرو تي ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي هنگامي اجلاس کي ٽيليفونڪ خطاب.
لنڊن؛ 4 جون 2015 
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن وسيم دهلوي شهيد جي سرڪاري حراست ۾ قتل تي صرف انڪوائري ڪميٽي ڇو بڻائي؟ ان ماورائي عدالت قتل ۾ ملوث پوليس آفيسرن کي گرفتار ڪري قانون جي مطابق سزا ڇو نه ڏني؟ وزير اعظم ميان نواز شريف کي به وسيم دهلوي شهيد ۽ ٻين بي گناھ ڪارڪنن جي ماورائي عدالت قتل جو حساب ڏيڻ هوندو. انهن کي عامر خان تي ڪوڙي مقدمي جو به حساب ڏيڻو پوندو. چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف کي گهرجي ته اهي وردي پائي قوم سان ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ وردي جو مذاق اڏائڻ واري آفيسر جو ڪورٽ مارشل ڪن.انهن خيالن جو اظهار جناب الطاف حسين خميس جي صبح سوير نائن زيرو تي ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي هڪ هنگامي اجلاس کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي فرمايو. اجلاس ۾ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن، حق پرست سينيٽرن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن کان علاوه ڪارڪنن هزارن جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن وسيم دهلوي جي حراست جي دوران شهادت تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي فرمايو ته نيڪ مقصد جي لاءِ پنهنجين جانين جو نذرانو پيش ڪرڻ وارا شهيد آهن ۽ الله سائين جو وعدو آهي ته شهيد ڪڏهن به مرندا نه آهن. انهن فرمايو ته قانون جي نفاذ جي نالي تي قانون ٽوڙيو پيو وڃي ۽ ايم ڪيو ايم جي هزارين ڪارڪنن کي شهيد ڪيو ويو آهي جن ۾ معصوم ٻار ۽ نوجوان به شامل آهن جن پنهنجيون خوشيون به نه ڏٺيون . قانون جي سرپرستن بندوق جو استعمال ڪندي انهن هٿين خالي ڪارڪنن کي موت جي ننڍ سمهاري ڇڏيو. جناب الطاف حسين ننڍي کنڊ جي پاڪ و هند جي تاريخ جو ذڪر ڪندي فرمايو ته هندستان ۾ مسلمان صدين کان هندن ، سکن ۽ ٻين مذهبن جي ماڻهن سان گڏ رهي رهيا هئا، ننڍي کنڊ جي پاڪ و هند تي برطانيه جي قبضي کان پوءِ ٻئي جنگ عظيم ۾ اهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي جو برطانيه کي هندستان کان واپس وڃڻو پيو، پر ويندي ويندي اهي مسلمانن کي ورهائي ويا. برطانيه جڏهن هندستان تي قبضو ڪيو هو ته ان وقت پوري هندستان تي مسلمانن جي حڪومت هئي. برطانيه کي اهو خوف هو ته مسلمان 1857 جي جنگِ آزادي جو بدلو وٺي سگهن ٿا. ان جي ڪري انگريزن ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو جي پاليسي تي عمل ڪندي سازش جي ذريعي هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ نفرت جي ڀت بيهارڻ شروع ڪري ڏني. انهن فرمايو ته هندستان جي آزادي جي تحريڪ 1887 ۾ شروع ڪئي وئي. آزادي جي جدوجهد ڪرڻ وارن جيلن جون صعوبتون به برداشت ڪيون ۽ ڦاهين تي به چڙهيا. قائد اعظم محمد علي جناح هندو مسلم اتحاد جا علمبردار هئا. اهڙي طرح علامه اقبال به هندو مسلم اتحاد جا پرچاري هئا. پر جڏهن قائد اعظم ڏٺو ته جواهر لعل نهرو ۽ ڪانگريس جي ٻين رهنمائن جو رويو تعصب وارو ٿيندو پيو وڃي ۽ انهن ۾ اها سوچ جنم وٺي رهي آهي ته هندو اڪثريت ۾ آهن، انهن وٽ طاقت آهي ان جي ڪري آزادي جي فائدن جو وڌيڪ حصو به انهن کي ملڻ گهرجي، جنهن کي اهي چاهين قتل ڪري ڇڏين، جنهن کي چاهين گرفتار ڪري وٺن ۽ جنهن کي اهي چاهين ان تي قلم هڻي ڇڏين ته پوءِ قائد اعظم اهو ڏسي مسلمانن جي لاءِ هڪ الڳ وطن جو مطالبو ڪيو. جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم جي خلاف رياستي آپريشن جي دوران ظلم جا پهاڙ ڪيرايا ويا، اسان جي بي گناھ ڪارڪنن کي حراست جي دوران وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، انهن جو کلون لاتيون ويون، انهن جو اکيون ڪڍيون ويون پر اسان جي ڪارڪنن جي ماورائي عدالت قتل ۾ ملوث پوليس، سي آئي ڊي، سي آئي اي، رينجر، آئي بي، ايم آئي ۽ ٻين ايجنسين جي ڪنهن هڪ به اهلڪار کي سزا نه ڏني وئي. چون ٿا ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي سيف هائوسز جي تھ خانن ۾ ماريو ويو هو پر اهي وساري ويٺا ته ڪوئي چاهي ڀلي ڪيترائي تھ خانه بڻائي وٺي الله تعالٰي اتي به ڏسي ٿو. الله تعالٰي سڀ ڪجھ ڏسي ٿو ۽ اهو سڌاري جي لاءِ جهٽڪا به ڏيئي ٿو پر بي ضمير ماڻهو اهي جهٽڪا لڳڻ جي باوجود وساري ويهن ٿا پر جيڪڏهن اهڙا جهٽڪا ڪنهن غيرت مند قوم کي لڳن ها ته اها منھ لڪائي گهر ۾ ويهي رهي ها پر اسان وٽ جهٽڪا کائي ڪري به ماڻهو سينو تاڻي گهمن ٿا. انهن فرمايو ته جيڪي ماڻهو ٻين جا پٽڪا  لاهڻ جي لاءِ پيسا وٺن ٿا قيامت جي ڏينهن اهي ئي پيسا باھ جا ٻرندڙ ٽانڊا بڻجي ويندا. انهن فرمايو ته اسٽيبلشمينٽ جا ماڻهو ڪوڙا وعدا ڪن ٿا ۽ ڪوڙيون خاطريون به ڪرائين ٿا ته هاڻي ايم ڪيو ايم جي آفيسن ۽ ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپا نه هنيا ويندا. پر ٽن ڏينهن کان پوءِ ئي  نه صرف ڇاپا هنيا وڃن ٿا  پر ڪارڪن جي لاش جو تحفو به ڏنو وڃي ٿو. انهن فرمايو ته وسيم دهلوي جي شهادت تي وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ چيو ته پوليس اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو آهي پر اهي معطل ٿيڻ کان پوءِ به زنده ته آهن. جن اهلڪارن تشدد 
ڪري وسيم دهلوي کي ماورائي عدالت قتل ڪيو آهي انهن کي ڦاهي تي ڇو نه چاڙهيو ويو؟ انهن فرمايو ته جڏهن دنياوي قانون بي معنٰي ٿي وڃي ٿو ته پوءِ الله تعالٰي اهڙيون حالتون پيدا ڪري ٿو جو قرآن پاڪ جي قانون جي مطابق اک جي بدلي اک، ڪن جي بدلي ڪن ۽ جان جي بدلي جان جهڙي صورتحال سامهون اچي وڃي ٿي. پوءِ اهو مقتول جي وارثن جي مٿان آهي ته اهي قصاص وٺن يا ديت وٺي ڪري معاف ڪري ڇڏين. انهن فرمايو ته ٽي وي تي چيو وڃي ٿو ته 1992 ۾ جن پوليس آفيسرن ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي لاشن جا ڍير لڳايا انهن کي هڪ هڪ ڪري ماريو ويو آهي. انهن ڪلمو شريف پڙهندي فرمايو ته مان ڪڏهن به ڪنهن کي بدلي جو درس نه ڏنو آهي بلڪه جن پوليس آفيسرن 40 ،40 ماڻهن کي ماريو هجي انهن مان 99 سيڪڙو وارثن ته منهنجي اپيل تي صبر ۽ برداشت کان ڪم ورتو. پر هڪ سيڪڙو اهڙا وارث به هئا جن جي سامهون انهن جي پيارن جا قاتل آيا ته انهن جو رت ڀڙڪي اٿيو ۽ وحشي قاتل قدرت جي مڪافات عمل جو شڪار ٿي ويا. انهن فرمايو ته مان هڪ امن پسند شخص آهيان ، مان بدلي وٺڻ جي بجاءِ هميشه معاف ڪرڻ جو درس ڏنو آهي ۽ مان ڪارڪنن کي اڄ به اهائي تلقين ڪريان ٿو.جيڪڏهن ڪوئي توهان کي جسماني يا جاني نقصان پهچائي ته ان کي معاف ڪري ڇڏيو پر مان يا ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جو ڪوئي به ميمبر اها ڳالھ ڪنهن ڪنهن کي سمجهائيندو؟ جناب الطاف حسين فرمايو ته مان سچيون ۽ کريون ڳالهايون ڪريان ٿو ته اسٽيلبشمينٽ  ناراض ٿي وڃي ٿي ۽ پيمرا جي ذريعي منهنجو خطاب نشر ڪرڻ تي پابندي لڳائي وڃي ٿي. پر مون کي ان جي ڪائي به پرواھ نه آهي، مان سمجهان ٿو ته منهنجي لاءِ ٽي وي نه آهي. انهن فرمايو ته جيڪي ماڻهو پنهنجي طاقت جي زور تي اسان ڪمزورن تي ظلم ڪري رهيا آهن انهن کي قدرت جي سامهون پنهنجي ظلم جو حساب ڏيڻو پوندو. الله سائين جي لٺ بي آواز آهي ۽ ڪوئي به ظالم ڀلي ڪيترو به طاقتور ڇو نه هجي اهو قدرت جي مڪافات عمل کان بچي نه ٿو سگهي. الطاف حسين فقير ماڻهو آهي ۽ ان فقير جي زبان کان جيڪا ڳالھ بار بار نڪري ٿي الله سائين ان کي ضرور ٻڌي ٿو. هڪ شخص پنهنجي طاقت جي زور تي چيو هو ته الطاف حسين جو باب بند ٿي ويو پر الله سائين ان جو ئي باب بند ڪري ڇڏيو. جيڪو ايم ڪيو 
ايم تي ڊرل ڪرڻ جو الزام لڳائيندو هو ابتڙ اهو ئي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي جسمن کي ڊرل ڪندو هو. الله تعالٰي ان کي مڪافات عمل کان گذاريو، اهو چڱو ڀلو شخص اچانڪ فوت ٿي ويو ۽ صرف اهو ئي نه بلڪه ان جي گهر واري اهو چئي ڪري ته منهنجي مڙس کي زهر ڏنو ويو آهي ان جي ڪري تحقيقات ڪرائي وڃي ته ان جي ميت کي قبر مان ٻيهر ڪڍي تحقيقات ڪرڻ جي خاطر لاش کي ڊرل ڪيو ويو. جناب الطاف حسين فرمايو ته وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن وسيم دهلوي شهيد جي سرڪاري حراست ۾ قتل تي صرف انڪوائري ڪميٽي ڇو بڻائي؟ آخر ان ماورائي عدالت قتل ۾ ملوث پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي گرفتار ڪري قانون جي مطابق سزا ڇو نه ڏني ؟ ڪي پي ڪي جي بزرگ رهنما تي قتل جو مقدمو ٿيو ته انهن کي هٿڪڙيون هڻي ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو ويو پر هڪ معصوم نوجوان وسيم دهلوي شهيد کي قتل ڪرڻ وارن کي صرف معطل ڪيو وڃي ٿو. آخر انهن کي هٿڪڙيون ڇو نه لڳايون ويون؟ جيڪڏهن قائم علي شاھ جي جڳھ تي مان هجان ها ته ان ظلم تي احتجاجن مان پنهنجي عهدي تان استعيفٰي ڏيئي ڇڏيان ها. يا پوءِ ڊي جي رينجر يا اسپيشل برانچ جي سربراھ کي هٽائڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيان ها. انهن ايم ڪيو ايم جي رهنما عامر خان تي رينجر جي طرفان ڪوڙو مقدمو قائم ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ فرمايو ته 11 مارچ تي نائن زيرو تي ڇاپي جي موقعي تي رينجر جي ڪرنل طاهر واضع لفظن ۾ اعلان ڪيو هو ته اسان عامر خان کي گرفتار نه ڪري رهيا آهيون. بلڪه اهي اسان جا مهمان آهن ۽ اسان پچا ڳاڇا کان پوءِ انهن کي ڇڏي ڏينداسين پر اڄ عامر خان جي خلاف دهشت گردي جي دفعات جي تحت مقدمو قائم ڪيو ويو آهي. ان مقدمي مان ٿابت ٿي ويو ته رينجر جي آفيسر قوم جي سامهون ڪوڙ ڳالهايو هو ۽ جيڪو شخص وردي ۾ قوم سان ڪوڙ ڳالهائي ته ان کي وردي پائڻ جو ڪوئي به حق نه آهي. آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي گهرجي ته اهي وردي ۾ قوم سان ڪوڙ ڳالهائڻ واري ۽ وردي جو مذاق اڏائڻ واري آفيسر جو ڪورٽ مارشل ڪن.انهن فرمايو ته وزير اعظم ميان نواز شريف کي به وسيم دهلوي شهيد ۽ انهن جي دورِ حڪومت ۾ ايم ڪيو ايم جي جيترن به بي گناھ ڪارڪنن کي ماورائي 
عدالت قتل ڪيو ويو آهي انهن جو حساب ڏيڻو پوندو، انهن کي عامر خان تي ڪوڙي مقدمي جو به حساب ڏيڻو پوندو. وزير اعظم کي ان ڳالھ جو به حساب ڏيڻو پوندو ته انهن صرف جنرل پرويز مشرف تي آرٽيڪل 6 جي تحت مقدمو قائم ڪيو پر فوج جا اهي ماڻهو جن 12 آڪٽوبر 1999 ۾ انهن جي حڪومت جو تختو ڪلٽي ڪيو هو پر انهن جي خلاف ڪائي به ڪاروائي نه ڪئي وئي.اهڙي طرح ميان نواز شريف فوج ۾ ڏار وجهرايا. انهن وڌيڪ فرمايو ته مون کي انهن فوجي آفيسرن تي به حيرت آهي ته انهن پنهجي جوڙي دار تي آرٽيڪل 6 لڳڻ ڪيئن قبول ڪيو ۽ ان تي ڪوئي به احتجاج نه ڪيو. انهن فرمايو ته گذريل پوين ڏينهن ۾ ايم ڪيو ايم مخالف عناصر جي منفي پروفيگنڊن جي ڪري ڪجھ ماڻهن کي اها غلط فهمي پيدا ٿي وئي هئي ته الطاف حسين واپارين ۽ صنعتڪارن کي ڌمڪيون ڏنيون آهن. انهن فرمايو ته مان ڪنهن کي به ڪائي به ڌمڪي نه ڏني آهي. بلڪه اهو چيو هو ته ڪهڙو اهڙو صنعتڪار آهي جيڪو ڪنهن پارٽي کي چندو نه ڏيندو هجي.ڪجھ ماڻهو اهڙا به آهن جيڪي ايم ڪيو ايم کي ڪجھ هزار رويپا چندو ته ڏين ٿا پر ان جو ڌهل به وڄائين ٿا ۽ اهو پروفيگنڊو به ڪن ٿا ته ايم ڪيو ايم وارا ڀتو وٺن ٿا. انهن فرمايو ته اسان واپارين ۽ صنعتڪارن جو دل سان نه صرف احترام ڪريون ٿا پر انهن جي راءِ تي عمل به ڪريون ٿا. انهن فرمايو ته جيڪي ماڻهو اڄ ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن ۽ طرح طرح جون سازشون ڪري رهيا آهن اهي اهو ڄاڻي وٺن ته جيڪڏهن الله سائين چاهيندو ته ايم ڪيو ايم ختم ٿي ويندي نه ته اسٽيبلشمينٽ هجي يا ڪائي به طاقت هجي اهي ڀلي ڪيتريون به ڪوششون ڪري وٺن اهي ايم ڪيو ايم کي ختم نه ٿيون ڪري سگهن. اسان تمام تر ظلمن جي باوجود پنهنجي جدوجهد جاري رکنداسين ۽ انشاء الله تعالٰي هڪ وقت ايندو جڏهن پوري ملڪ تي ايم ڪيو ايم جي حڪومت قائم ٿيندي. ان کان پوءِ رابطا ڪميٽي ميمبر عبدالحسيب وسيم دهلوي شهيد ۽ ٻين شهيد ڪارڪنن جي ايصال و ثواب جي لاءِ دعا به ڪرائي. 

7/17/2024 11:14:28 AM