ڪوئٽيا خضدار ۾ سيلابي وهڪري ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي ٻڏي ڪري فوت ٿيڻ تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
لنڊن؛ 4 جون 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ڪوئٽا خضدار ۾ سيلابي وهڪري ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي ٻڏي ڪري فوت ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين انهن هلاڪتن تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي هلاڪ ٿيندڙن جي سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي ٻڏي ڪري هلاڪ ٿيندڙن کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين.