6 جون بروز ڇنڇر تي ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام برنس روڊ تي سنڌ سيڪريٽريٽ جي ٻاهران پاڻي جي هٿرادو بحران جي وڏي ڪمي جي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو.
عوام ۽ ڪارڪن ان مظاهري ۾ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي اپيل.
ڪراچي؛ 5 جون 2015
متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام 6 جون بروز ڇنڇر تي منجهند ٽين وڳي پاڻي جي هٿرادو بحران جي وڏي ڪمي جي خلاف سنڌ سيڪٽريٽ جي ٻاهران برنس روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو. مظاهري ۾ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جا ميمبر، حق پرست سينيٽر، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ميمبر ۽ عوام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪندا ان کان علاوه ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي عوام ۽ ڪارڪنن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي ان مظاهري ۾ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪن.