Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي ماورائي عدالت قتلن جي تحقيقات ۽ لاپتا ڪيل ڪارڪنن جي بازيابي جي لاءِ فوري طور تي جوڊيشل ڪميشن قائم ڪيو وڃي. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ ڪنور نويد جميل.


ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي ماورائي عدالت قتلن جي تحقيقات ۽ لاپتا ڪيل ڪارڪنن جي بازيابي جي لاءِ فوري طور تي جوڊيشل ڪميشن قائم ڪيو وڃي. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ ڪنور نويد جميل.
 Posted on: 6/3/2015 1
ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي ماورائي عدالت قتلن جي تحقيقات ۽ لاپتا ڪيل ڪارڪنن جي بازيابي جي لاءِ فوري طور تي جوڊيشل ڪميشن قائم ڪيو وڃي. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ ڪنور نويد جميل.
ڪراچي آپريشن جي دوران ايم ڪيو ايم جا 40 ڪارڪن ماورائي عدالت قتل،92 مختلف ايجنسين جي هٿان گرفتار ٿيڻ  کان پوءِ لاپتا ۽ 190 ڪارڪن قتل ٿي چڪا آهن.
خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ عزيز آباد ۾ پرهجوم پريس ڪانفرنس.
ڪراچي؛ 3 جون 2015 
            ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ ڪنور نويد جميل چيو آهي ته ايم ڪيو ايم بلديه ٽائون سيڪٽر يونٽ 117 جي ڪارڪن وسيم دهلوي جي ماورائي عدالت قتل سان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي ٻيهر لاپتا ڪرڻ ۽ ماورائي عدالت قتل ڪرڻ جو سلسلو ٻيهر شروع ٿي ويو آهي. ان جي ڪري اسان ٻن ڏينهن جي يوم سوڳ جو اعلان ڪيو آهي جنهن تي اسان حمايت ڪرڻ تي واپارين ، صنعتڪارن ۽ ٽرانسپورٽرن جا ٿورائتا آهيون. انهن خيالن جو اظهار انهن خورشيد بيگم سيڪرٽريٽ عزيز آباد ۾ هڪ پرهجوم پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر عارف خان ۽ ٻيا به موجود هئا. رابطا ڪميٽي ميمبرن ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ ڪنور نويد جميل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اهو سلسلو ڪافي عرصي کان جاري آهي ته ساده لباس ۾ ملبوس سرڪاري اهلڪار گهرن ۾ گهري  يا رستن تان بغير نمبر پليٽن وارين گاڏين ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪندا رهن ٿا ۽ اهڙن واقعن ۾ درجنين ساٿي اڄ تائين لاپتا آهن يا پوءِ انهن جون تشدد ٿيل لاشون ويرانن مان مليون آهن. اڄ وسيم دهلوي شهيد جن تي عزيز آباد ٿاڻي ۾ تمام گهڻو تشدد ڪيو ويو ۽  جناح اسپتال ۾ جڏهن انهن جو لاش آندو ويو ته پوسٽ مارٽم جي رپورٽ جي مطابق اها ڳالھ واضع ٿي وئي ته انهن جي شهادت تمام گهڻي تشدد جي ڪري ٿي آهي . انهن چيو ته ڪجھ وقت اڳ به ان عزيز آباد ٿاڻي ۾ هڪ ٽارچر سيل مليو هو ۽ ان کان پوءِ پوليس اهلڪارن کي معطل به ڪيو ويو هو. انهن چيو ته ڪجھ هفتن جي دوران اسان جي نيو ڪراچي سيڪٽر جي انچارج علي رضا، گلشن اقبال سيڪٽر جي انچارج محمد شاهد، مرڪزي ميڊيڪل ايڊ ڪميٽي جي ميمبر فريد احمد کي به انهي انداز ۾ اغوا ڪيو ويو آهي جن جو هن مهل تائين ڪو به پتو نه آهي ۽ اها هڪ ڊگهي فهرست آهي. انهن چيو ته 2010 ۾ ايم ڪيو ايم اپوزيشن ۾ ان جي ڪري آئي هئي جو ڪراچي ۾ ڏوھ تمام گهڻا وڌي ويا هئا ۽ انهي جي ڪري ايم ڪيو ايم فوجي آپريشن جو مطالبو به ڪيو هو پر ڪوئي به آپريشن هجي اهو قانون ۽ انساني حقن جي پابندين جي مطابق ئي ڪيو وڃي ٿو. پر بدقسمتي سان ماضي جي آپريشنن وانگر هن آپريشن جو رخ به ايم ڪيو ايم ڏانهن موڙيو ويو. اها ئي وجه آهي ته اڄ ايم ڪيو ايم جا 92 ڪارڪن اهڙا آهن جن کي ڪراچي آپريشن ۾ حصو وٺندڙ ايجنسين گرفتار ڪيو آهي ۽ اهي اڄ تائين لاپتا آهن ۽ اسان ڏک سان چئون ٿا ته مظلومن جي لاءِ واحد سهارو عدالت هوندي آهي، پر اسان جي بي گناھ ڪارڪنن کي عدالتون به رليف فراهم نه ڪري رهيون آهن. جنهن مان واضع آهي ته عدالتون به دٻاءُ جو شڪار آهن. انهن چيو ته جڏهن ڪراچي ۾ آپريشن شروع ڪيو ويو هو ته هن آپريشن جي مانيٽرنگ جي لاءِ هڪ مانيٽرنگ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي لاءِ چيو ويو هو. پر اسان جي بار بار مطالبن جي باوجود مانيٽرنگ ڪميٽي تشڪيل نه ڏني وئي ۽ پوليس،رينجر ۽ ٻين قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن کي پنهنجي من ماني ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ عوام کي نشانو بڻائڻ جي کليل چوٽ ڏني وئي آهي. انهن چيو  ته نه صرف ايم ڪيو ايم جا 92 ڪارڪن هڪ سال کان لاپتا آهن پر انهن جي پٽيشن به هائي ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي. انهن چيو ته ڪراچي آپريشن ۾ هن مهل تائين ايم ڪيو ايم جا 190 ڪارڪن قتل ٿي چڪا آهن ۽ انهن جو هڪ به قاتل گرفتار نه ٿيو آهي. انهن چيو ته اهو ڪهڙو آپريشن آهي جو ان ۾ ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي چاپو هنيو وڃي ٿو، 100 کان وڌيڪ ڪارڪن اتان گرفتار ڪيا وڃن ٿا جن ۾ رابطا ڪميٽي ميمبر عامر خان به شامل آهي ۽ انهن کي 87 ڏينهن ٿي ويا آهن جو اهي رينجر جي تحويل ۾ آهن؟ انهن چيو ته ڪراچي ۾ هن وقت پاڪستان جو نه بلڪه جهنگ جو قانون آهي، شهر ۾ پوليس ۽ رينجر شهرين جي جان و مال جو تحفظ ڪرڻ جي بجاءِ عوام سان وڏيون زيادتيون ڪري رهيون آهن ۽ ڪراچي وارن سان مفتوحه علائقي جهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي. انهن چيو ته ذوالفقار مرزٰي پنهنجي پرائيويٽ فوج ٺاهي آهي ان جي هٿيارن سان ليس فوج  پوليس ۽ سرڪاري اهلڪارن تي مورچا بند ٿي ڪري حملا ڪيا، ذوالفقار مرزٰي ۽ ان جي فوج ٿاڻن ۽ پوليس تي حملا ڪيا.پر پوليس ۽ رينجر انهن جي خلاف ڪائي به ڪاروائي ڪرڻ جي بجاءِ انهن کي تحفظ فراهم ڪري رهيون آهن. انهن چيو ته اسان جو صدر، وزير اعظم ۽ اعلٰي عدالتن کان مطالبو آهي ته پاڪستان هڪ آزاد ملڪ آهي ۽ جنهن ملڪ ۾ ماڻهن کي بنيادي حق حاصل نه هجن ته ان کي آزاد ملڪ نه ٿو چئي سگهجي. انهن چيو ته آپريشن جي دوران 190 ڪارڪنن کي شهيد ڪندڙ قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ لاپتا ڪارڪن جن جي تعداد 92 آهي انهن کي بازياب ڪرايو وڃي ۽ جيڪڏهن انهن تي ڪوئي ڪيس آهي ته انهن کي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي. انهن چيو ته سنڌ جي نسل پرست پوليس نه صرف ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ مهاجر نوجوانن کي پنهنجي تعصب جو نشانو بڻائي رهي آهي. بلڪه شهر کي لٽي به رهي آهي ۽ ماڻهن کي پڪڙي ڪري انهن کان ڀتو به وٺي رهي آهي ۽ انهن جي رهائي جي عيوض انهن کان وڏيون رقمون به وصول ڪري رهي آهي. انهن سنڌ پوليس کي خبردار ڪيو ته ڪٿي ائين نه ٿئي جو انهن کي ڪراچي جي شهرين جي ڪاوڙ جو سامنو نه ڪرڻو پوي. انهن صدر، وزير اعظم ۽ وفاقي وزير داخلا کان هڪ ڀيرو ٻيهر مطالبو ڪيو ته اهي ڪراچي ۾ ماورائي عدالت قتل جي واقعن کي به ڏسن. اها انهن جي ذميواري آهي ۽ عدالتن جي طرفان ڪراچي جي نوجوانن جي باري ۾ خاموشي وڏو سواليه نشان آهي. انهن مطالبو ڪيو ته وسيم دهلوي شهيد ۽ ايم ڪيو ايم جي ٻين شهيد ڪارڪنن جي قاتلن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي ۽ انهن تي ڪيس هلائي ڪري انهن کي قانون جي مطابق سخت ترين سزا ڏني وڃي. انهن چيو ته اهو به پتو لڳايو وڃي ته ڪنهن جي مرضي تي انهن قاتل پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي تعينات ڪيو وڃي ٿو. انهن چيو ته ماورائي عدالت قتلن جي تحقيقات ۽ لاپتا ٿيل ڪارڪنن جي لاءِ فوري طور تي جوڊيشل ڪميشن قائم ڪيو وڃي ۽ ماورائي عدالت قتل ڪيل ڪارڪنن جي پونئرن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي. انهن انساني حقن جي تنظيمن کي به اپيل ڪئي ته اهي بانيان پاڪستان جي اولادن جي مقدمن کي انساني حقن جو مسئلو سمجهن ۽ انهن جي لاءِ آواز اٿارين. انهن وسيم دهلوي شهيد جي پونئرن سان دلي تعزيت ۽ افسوس جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعالٰي وسيم دهلوي شهيد کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين. 

7/17/2024 11:13:17 AM