Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پوليس جي حراست ۾ ڪارڪن وسيم دهلوي جي ماورائي عدالت قتل جي خلاف ايم ڪيو ايم جي طرفان ٻن ڏينهن جي پرامن سوڳ جو اعلان.


پوليس جي حراست ۾ ڪارڪن وسيم دهلوي جي ماورائي عدالت قتل جي خلاف ايم ڪيو ايم جي طرفان ٻن ڏينهن جي پرامن سوڳ جو اعلان.
 Posted on: 6/3/2015 1
پوليس جي حراست ۾ ڪارڪن وسيم دهلوي جي ماورائي عدالت قتل جي خلاف ايم ڪيو ايم جي طرفان ٻن ڏينهن جي پرامن سوڳ جو اعلان.
ٽرانسپورٽر پنهنجيون گاڏيون، ڪاروباري حضرات پنهنجو ڪاروبار ۽ اسڪولن ۽ ڪاليجن جا مالڪ پنهنجا اسڪول ۽ ڪاليجون بند رکن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي اپيل.
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين ٻن ڏينهن جي سوڳ جي فيصلي جي توثيق ڪري ڇڏي.
ڪراچي؛ 3 جون 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي پوليس جي حراست ۾ وحشياڻي تشدد جي دوران ايم ڪيو ايم بلديه ٽائون سيڪٽر يونٽ 117 جي ڪارڪن وسيم دهلوي جي ماورائي عدالت قتل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان ظلم جي خلاف ٻن ڏينهن جي پرامن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي. ايم ڪيو ايم جو ڪارڪن وسيم دهلوي ۽ انهن جي ڀائرن نعيم دهلوي ۽ عادل دهلوي کي ٻه ڏينهن اڳ ئي ساده لباس ۾ ملبوس پوليس اهلڪارن بلديه ٽائون کان انهن جي دڪان تان گرفتار ڪيو هو. گرفتاري کان پوءِ پوليس جي اعلٰي حڪام سان رابطو ٿيڻ جي باوجود ڪوئي به اهو ٻڌائڻ جي لاءِ تيار نه هو ته گرفتار ٿيلن کي ڪٿي رکيو ويو آهي. ٻن ڏينهن تائين حراست ۾ وسيم دهلوي تي بيان نه ڪرڻ  جوڳو تشدد ڪيو ويو. جنهن جي نتيجي ۾ اهي اڄ ئي  پوليس جي حراست ۾ شهيد ٿي ويا آهن. ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي وسيم جي حراست جي دوران تشدد جي نتيجي ۾ ماورائي عدالت قتل جي واقعي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي اڄ ۽ ڪالھ يعني اربع ۽ خميس تي هنگامي بنيادن تي ٻن ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪيو آهي. رابطا ڪميٽي ٽرانسپورٽرن کي پنهنجيون گاڏيون، ڪاروباري حضرات کي پنهنجو ڪاروبار ۽ اسڪولن ۽ ڪاليجن جي مالڪن کي پنهنجا اسڪول ۽ ڪاليج بند رکڻ جي دردمندانه اپيل ڪئي آهي ته اهي ان ماورائي عدالت قتل جي ظالمانه سلسلي جي ٻيهر آغاز جي خلاف احتجاج جي آواز بلند ڪندي پنهنجو ڪاروبار، دڪانون ، ٽرانسپورٽ ۽ اسڪول ۽ ڪاليجون بند رکن. رابطا ڪميٽي چيو ته پوسٽ مارٽم جي رپورٽ مان ثابت ٿي ويو آهي ته وسيم دهلوي جي هلاڪت حراست جي دوران ٿرڊ ڊگري تشدد جي ڪري ٿي آهي. ان جي ڪري ظلم ڪرڻ وارن پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪري سخت ترين سزا ڏني وڃي. ان کان علاوه ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين ان ماورائي عدالت قتل جي واقعي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي يوم سوڳ جي فيصلي جي توثيق ڪري ڇڏي آهي. جناب الطاف حسين وسيم دهلوي شهيد جي سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي دعا ڪئي آهي ته الله تعالٰي وسيم دهلوي کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سوگوار پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين. 

6/30/2024 7:36:00 AM