Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن تي حراست جي دوران ٿرڊ ڊگري ٽارچر ڪيو ويو، ان جي ڪري اهي شهيد ٿي ويا.


ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن تي حراست جي دوران ٿرڊ ڊگري ٽارچر ڪيو ويو، ان جي ڪري اهي شهيد ٿي ويا.
 Posted on: 6/3/2015 1
ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن تي حراست جي دوران ٿرڊ ڊگري ٽارچر ڪيو ويو، ان جي ڪري اهي شهيد ٿي ويا.
وسيم دهلوي شهيد بلديه ٽائون سيڪٽر يونٽ 117 جا سرگرم ڪارڪن هئا ۽ تنظيمي سرگرمين ۾ به وڌي چڙهي حصو وٺندا هئا.
وسيم دهلوي شهيد جي عمر 40 سال هئي، اهي شادي شده هئا ۽ انهن  جا ٽي ٻار هئا.
ڪراچي؛ 3 جون 2015 
            پوليس جي حراست جي دوران ٿرڊ ڊگري تشدد سان شهيد ٿيندڙ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن وسيم دهلوي کي سومر ۽ اڱاري جي وچين رات انهن جي گهر کان گرفتار ڪيو ويو هو. تفصيلات جي مطابق سومر ۽ اڱاري جي وچين رات پوليس جي وڏي نفري بلديه ٽائون نمبر 3 ۾ انهن جي گهر تي ڇاپو هنيو ، پوليس پهرين انهن جي نوڪر کي گرفتار ڪيو ۽ انهن کي سخت مارڪٽ ڪندي وسيم جي گهر وٺي ويا ۽ گهر کان وسيم دهلوي ۽ انهن جي ٻن ڀائرن محمد نعيم ۽ عادل دهلوي کي گرفتار ڪري ورتو ۽ انهن کي اڻ ڄاتل هند تي منتقل ڪري ڇڏيو. وسيم دهلوي تي حراست جي دوران ٿرڊ ڊگري تشدد ڪيو ويو ۽ ان تشدد جي نتيجي ۾ اهي شهيد ٿيا وسيم دهلوي شهيد ايم ڪيو ايم بلديه ٽائون سيڪٽر  يونٽ 117 جا سابق ذميوار ۽ سرگرم ڪارڪن هئا ۽ تنظيمي ڪمن ۾ به وڌي چڙهي ڪري حصو وٺندا هئا. وسيم جي عمر 40 سال هئي اهي شادي شده ۽ انهن جا ٽي ٻار هئا. جن ۾ چئن سالن جو پٽ ناصر، ٻن سالن جي نياڻي زينب ۽ ڇهن مهينن جو پٽ سبحان شامل آهن. وسيم شهيد جي سوگوارن ۾ هڪ بيوه چار ڀائر ۽ ٽي ڀينرون شامل آهن. رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم  جي ڪارڪنن ۽ همدردن  کان رهائي جي بدلي وڏيون رقمون وٺڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ صرف مئي مهيني ۾ ئي ايم ڪيو ايم جي 60 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ ڪجھ کان علاوه باقي سڀ لاپتا آهن ۽ ڪوئي به ادارو انهن جي گرفتاري جو اقرار نه ڪري رهيو آهي. 

7/17/2024 10:54:05 AM