Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

وسيم دهلوي شهيد جي ايصال و ثواب جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي تحت سڄي ملڪ ۾ اجتماعن جو انعقاد ٿيو جن ۾ شهيد کي زبردست خراج عقيدت به پيش ڪيو ويو.


وسيم دهلوي شهيد جي ايصال و ثواب جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي تحت سڄي ملڪ ۾ اجتماعن جو انعقاد ٿيو جن ۾ شهيد کي زبردست خراج عقيدت به پيش ڪيو ويو.
 Posted on: 6/4/2015 1
وسيم دهلوي شهيد جي ايصال و ثواب جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي تحت سڄي ملڪ ۾ اجتماعن جو انعقاد ٿيو جن ۾ شهيد کي زبردست خراج عقيدت به پيش ڪيو ويو.
ڪراچي؛  4 جون 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام پوليس حراست ۾ شهيد ٿيندڙ ايم ڪيو ايم بلديه ٽائون سيڪٽر جي ڪارڪن وسيم دهلوي شهيد جي ايصال و ثواب جي لاءِ ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ اجتماع منعقد ڪيا ويا جن ۾ شهيد جي روح جي ايصال و ثواب جي لاءِ قرآن خواني ۽ فاتحه خواني ڪئي وئي. ان سلسلي جو مرڪزي اجتماع نائن زيرو تي لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ شهيد جي روح جي ايصال و ثواب جي لاءِ قرآن خواني ۽ فاتحه خواني جو اجتماع منعقد ڪيو ويو. ان اجتماع ۾ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي انچارج ڪهف الورٰي، رابطا ڪميٽي ميمبرن ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، قمر منصور، ڊاڪٽر نصرت، ڪنور نويد جميل، عبدالحسيب، عارف خان ايڊووڪيٽ، اسلم آفريدي، عظيم فاروقي، شبير قائم خاني، آنسه ممتاز، سينيٽرن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن کان علاوه شهيد جي مٽن مائٽن ۽ ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان کان پوءِ مولانا تنوير الحق ٿانوي وسيم دهلوي شهيد سميت سمورن حق پرست شهيدن جي لاءِ دعا ڪرائي جنهن ۾ وسيم شهيد سميت سمورن شهيدن جي بلند درجات ، پونئرن جي لاءِ صبر جميل ، اسير ڪارڪنن جي رهائي، ايم ڪيو ايم جي خلاف سازشن جي خاتمي ۽ حق پرستانه جدوجهد جي ڪاميابي کان علاوه قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي وڏي عمر ۽ صحت و تندرستي جي لاءِ خصوصي دعائون ڪيون ويون. ان کان علاوه اندرون سنڌ، پنجاب، بلوچستان ، خيبرپختونخواھ، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ به ايم ڪيو ايم جي آفيسن ۾ قرآن خواني ۽ فاتحه خواني جا اجتماع منعقد ڪيا ويا ۽ احتجاجي مظاهرا به ڪيا ويا.

7/17/2024 11:02:47 AM