اورنگي ٽائون ۽ قصبه علي ڳڙھ ۾ ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن ۽ همدردن جي وڏي پيماني تي گرفتارين تي حق پرست اسيمبلي ميمبرن جي طرفان مذمت.
ڪراچي ؛ 2 جون 2015
ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبرن اورنگي ٽائون ۽ قصبه علي ڳڙھ ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن جي وڏي پيماني تي گرفتارين جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته اها سنڌ حڪومت جي متعصبانه پاليسين ۽ پاڻي جي عدم فراهمي جي خلاف پرامن احتجاجي مظاهرو ڪرڻ وارن بي گناھ ڪارڪنن ۽ همدردن کي فوري طور تي ڇڏرائي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن چيو ته 24 مئي تي اورنگي ٽائون ۽ قصبه علي ڳڙھ ۾ پاڻي جي مسئلي تي هڪ وڏو مظاهرو ڪيو ويو هو ان کان پوءِ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن جي گهرن تي چاپن جو سلسلو شروع ٿي ويو . انهن چيو ته اورنگي ٽائون ايشيا جي سڀني کان وڏي ڪچي آبادي آهي ۽ هتان جا عوام اڳ ۾ ڏتڙيل آهن. انهن صدر پاڪستان ممنون حسين، وزير اعظم پاڪستان، گورنر سنڌ ۽ وزير اعلٰي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته اهي ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن ۽ همدردن کي فوري طور تي آزاد ڪرائين ۽ ان ظلم ۽ ناانصافي جو سلسلو بند ڪرائين.