Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

شب برات جي برڪت واري رات جي موقعي تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان خصوصي دعا.


شب برات جي برڪت واري رات جي موقعي تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان خصوصي دعا.
 Posted on: 6/3/2015 1
شب برات جي برڪت واري رات جي موقعي تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان خصوصي دعا.
اي الله سائين پاڪ فوج جا جيڪي جوان ملڪ ۾ دهشت گردي جي خلاف جنگ وڙهي رهيا آهن انهن کي ڪاميابي عطا فرماءِ.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي دعا.
لنڊن؛ 3 جون 2015 
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين شب برات جي برڪت واري رات جي موقعي تي الله تعالٰي جي حضور خصوصي دعا ڪئي آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين دعا ڪئي ته اي الله سائين اڄ جي هن برڪت واري رات ۾ تنهنجي بارگاھ ۾ جيترن به مسلمانن عبادت ڪئي آهي تو انهن جي عبادت کي قبول فرماءِ، نمازين جي نمازن کي قبول فرماءِ ۽ جن به قرآن پاڪ جي تلاوت ڪئي آهي انهن جي تلاوت کي قبول فرماءِ ۽ جيترا به مسلمان هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا آهن، انهن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرماءِ، انهن جا سمورا گناھ معاف فرماءِ. اي الله سائين بي روزگارن کي روزگار عطا فرماءِ، بي سهاره ماڻهن کي سهارو عطا فرماءِ ۽ بي اولادن کي نيڪ ۽ صالح اولاد عطا فرماءِ ۽ جن به ڇوڪرين جون شاديون نه ٿيون آهن انهن کي سٺا رشتا عطا فرماءِ ۽ جيڪي بيمار آهن انهن کي مڪمل صحت عطا فرماءِ ۽ جيڪي پريشان آهن انهن جون پريشانيون دور فرماءِ.انهن دعا فرمائي ته اي الله سائين پاڪ فوج جي جوانن کي جيڪي دهشت گردي جي خلاف جنگ وڙهي رهيا آهن انهن کي ڪاميابي عطا فرمائي ۽ جيڪي آپريشن ضرب عضب ۾ جام شهادت نوش فرمائي ويا آهن انهن جا درجات بلند فرماءِ. جناب الطاف حسين پنهنجي والد محترم نذير حسين مرحوم، والده محترمه خورشيد بيگم مرحومه، شهيد ناصر حسين ۽ عارف حسين شهيد ۽ شهيد انقلاب ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد ۽ شهيد چيئرمين عظيم احمد طارق سميت تمام حق پرست شهيدن کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ لاپتا ڪارڪنن جي بازيابي ۽ اسير ساٿين کي به جلد رهائي عطا فرمائي.آمين. 

7/17/2024 11:11:18 AM